18 اربع , آڪٽوبر 2017

ڊاڪٽر عاصم جو نالو اي سي ايل مان ڪڍرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم جو نالو اي سي ايل مان ڪڍرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر عاصم جي وڪيلن طرفان سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ وفاقي گهرو وزارت، سنڌ جي گهرو کاتي، نيب ۽ آءِ جي سنڌ کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر عاصم علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ چاهي ٿو پر سنڌ هاءِ ڪورٽ حقيقتن جو درست جائزو نه ورتو، سپريم ڪورٽ سندس پاسپورٽ واپس ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ۽ حڪومتي ادارن کي ڊاڪٽر عاصم جي پرڏيهه روانگي ۾ رنڊڪون وجهڻ کان روڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪي ڊرون حملا پاڪستاني حدن ۾ ناهن ٿيا: پرڏيهي وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير خواجا آصف دعويٰ ڪئي آهي ته تازا آمريڪي ڊرون …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي