18 جمعو , آگسٽ 2017

سڄي دنيا ۾ پناهگيرن جو انگ وڌي ساڍا 6 ڪروڙ ٿي ويو آهي: گڏيل قومون

نيويارڪ( ويب ڊيسڪ ) سڄي دنيا ۾ ساڍا 6 ڪروڙ ماڻهو بي گهر هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت اداري پنهنجي سالياني رپورٽ ۾ چيو آهي ته 2015ع جي ڀيٽ ۾ 2016ع دوران پناهگيرن جي انگ ۾ 3 لک جو اضافو ٿيو آهي، اهو انگ 2014ع کان 2015ع جي مقابلي ۾ ڪافي گهٽ آهي. گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فليپو گرانڊي جو چوڻ آهي ته پناهگيرن جي انگ ۾ اضافو عالمي سفارتڪاري جي مايوس ڪندڙ ناڪامي آهي. هن چيو ته ايئن لڳي ٿو ته دنيا امن قائم ڪرڻ جي قابل نه رهي آهي. سندس چوڻ هو ته پراڻي تڪرار به جيئن جو تيئن هلي رهيا آهن، جڏهن ته نوان تڪرار به پيدا ٿي رهيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهو دربدر پيا ٿين، جبري دربدري ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ جنگين جي علامت آهي. گرانڊي خبردار ڪيو ته پناهگيرن جو بار دنيا جي غريب ترين ملڪن تي پئجي رهيو آهي، ڇو ته دنيا جا 84 سيڪڙو کان وڌيڪ پناهگيرن جو تعلق غريب ۽ پيڙهل آمدني وارن ملڪن سان آهي. گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته کين اميد آهي ته سندن رپورٽ سان آمريڪي ملڪن کي ٻيهر سوچڻ جو موقعو ملندو ته هو نه رڳو وڌيڪ پناهگيرن کي قبول ڪن پر امن کي هٿي ڏيڻ ۽ بنيادي ڍانچي جي جوڙجڪ ۾ به حصو وٺن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪمانڊر اِن چيف حڪم ڏئي ته ايجنسي وارا ڪنهن سان به نه ملن: محمود خان اچڪزئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي