18 اربع , آڪٽوبر 2017

جي آءِ ٽي اڳيان حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪندس، پنهنجي رپورٽ تي قائم آهيان: رحمان ملڪ

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته مان جي آءِ ٽي اڳيان حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪندس. اڳوڻو گهرو وزير رحمان ملڪ پاناما ليڪس بابت جي آءِ ٽي اڳيان بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ ڏيهه واپس پهچي ويو آهي. رحمان ملڪ 23 جون تي پاناما ليڪس بابت جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿيندو. ڏيهه واپسيءَ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي رحمان ملڪ چيو ته مان الله کانسواءِ ڪنهن کان به خوفزده نه آهيان. هن چيو ته مان پنهنجي رپورٽ ۽ تنهن وقت جي صدر کي لکيل خط تي قائم آهيان. رحمان ملڪ چيو ته منهنجي خلاف واويلا ڪندڙن کي ناڪامي نصيب ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪي ڊرون حملا پاڪستاني حدن ۾ ناهن ٿيا: پرڏيهي وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير خواجا آصف دعويٰ ڪئي آهي ته تازا آمريڪي ڊرون …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي