11 پیر , دسمبر 2017

چيمپينز ٽرافي جي فاتح قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڏيهه واپسيءَ جو سلسلو شروع

لنڊن( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي چيمپينز ٽرافي جي فاتح قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڏيهه واپسيءَ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. پي سي بي ترجمان موجب چيمپينز ٽرافي جي فاتح پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم گروپن جي صورت ۾ ڏيهه واپس موٽندي. ترجمان موجب حسن علي، بابر اعظم، فهيم اشرف ۽ احمد شهزاد اڄ شام لاهور پهچندا، ڪپتان سرفراز احمد ٽرافي کڻي سڀاڻي صبح ڪراچي پهچندو، آل رائونڊر رومان رئيس به ساڻس گڏ هوندو. ترجمان موجب فخر زمان پشاور، شادان خان، عماد وسيم اسلام آباد ويندا، حارث سهيل دبئي مان سيالڪوٽ ويندو. پي سي بي ترجمان جو چوڻ آهي ته عامر، جنيد خان، حفيظ، شعيب ملڪ ۽ اظهر علي لنڊن ۾ ترسندا. پي سي بي موجب ٻيا  رانديگر ٻن ٽن ڏينهن ۾ پنهنجي پنهنجي شهر پهچندا. ترجمان موجب پرڏيهي ڪوچنگ اسٽاف 20 جولاءِ تي پاڪستان ايندو. پي سي بي موجب جولاءِ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ايبٽ آباد ۾ بوٽ ڪيمپ لڳائي ويندي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

مسلم ليگ ن 30 مارچ کان اڳ اقتدار کان ٻاهر هوندي: شيخ رشيد

لاهور( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے