23 جمعرات , نومبر 2017

پاڪستان تاريخ بدلائي ڇڏي، ڀارت کي 180 رنسن تائين هارائي چيمپئنز ٽرافي جو چيمپئن

اوول (م ڊ) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته منهنجي ٽيم بهترين راند کيڏي. فخر زمان چئمپنيز بيٽسمينن وانگر

کيڏيو. اوول گرائونڊ تقريب ۾ هن چيو ته ڪريڊٽ منهنجي بالرن ڱي وڃي ٿو. محمد عامر، حسن علي، شاداب خان، عماد سٺي بالنگ ڪئي. ڪاميابي تي الله تعاليٰ جو شڪر ادار ڪريان ٿو. اسان هميشه مثبت ڪرڪيٽ کيڏي. اهو منهنجي ٽيم لاءِ فخر جو مقام آهي.اسان جا اڪثر رانديگر نوجوان آهن. انهن مايوس نه ڪيو. ٽيم انتظاميا ۽ ڪرڪيٽ بورڊ جو ٿورائتو آهيان. گرائونڊ ۾ سپورٽ ڪرڻ وارن جو به ٿورو ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته منهنجي ٽيم اٺين نمبر کان چئمپينز ٽرافي فاتح تي اچي وئي. 0229

لنڊن (اسپورٽس نيوز) پاڪستان تاريخ بدلائيندي ڀارت کي چئمپينز ٽرافي جي فائنل ۾ شڪست ڏئي آءِ سي سي ٽورنامينٽ ۾ هيستائين ڀارت کان کٽي نه سگهڻ جو پلاند ڪري ڇڏيو. گرين شرٽس عالمي ڪپ جيان پهريون ڀيرو چئمپينز ٽرافي جي فائنل ۾ پهچي اهو کٽي به ڏيکاريو. فخر زمان جي سينچري ۽ بالرن جي شاندار بالنگ ٽيم جي ٻيڙي پار لڳائي سڄي ملڪ ۾ جشن ملهايو پيو وڃي ۽ سرفراز اليون قوم کي عيد کان اڳ عيد جو تحفو ڏئي ڇڏيو. آءِ سي سي چئمپينز ٽرافي 2017ع جو فائنل لنڊن جي تاريخي گرائونڊ اوول تي کيڏيو ويو. جنهن ۾ روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ مقابلو هو. بيٽنگ وڪيٽ تي ۽ سخت گرمي ۾ ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي ٽاس کٽي پاڪستان کي پهرين بيٽنگ جو موقعو ڏنو. پر اهو فيصلو درست ثابت نه ٿيو. ڀارتي بالنگ ۽ فيلڊنگ به درست نه هئي ۽ بيٽنگ به هلي نه سگهي. پاڪستان کي پهرين اوورن ۾ چانس مليا. اوپنر فخر زمان ڪيچ آئوٽ ٿيو پر بمرا جو اهو بال نوبال نڪتو. جڏهن ته اظهر کي به ٻه رن آئوٽ جا چانس مليا. جنهن بعد پاڪستاني اوپنرن پوئتي مڙي نه ڏٺو ۽ پهرين وڪيٽ تي 128 رنسن جي پارٽنر شپ قائم ڪئي. ان اسڪور تي اظهر علي فخر سان غلط فهمي جي نتيجي ۾ 59 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. فخر ۽ بابر اعظم وچ ۾ 72 رنسن جي پارٽنر شپ ٿي. 200 جي مجموعي اسڪور تي فخر 114 رنسون ٺاهي جديجا جي هٿان پانڊيا جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو. هن 3 ڇڪا ۽ 12 چوڪا هنيا. بابر ۽ شعيب ملڪ وچ ۾ 47 رنسن جي پارٽنر شپ ٿي.ملڪ 12 رنسون ٺاهي جاڌوجي هٿان ڀوونيشور جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو. بابر ۽ حفيظ وچ ۾ 20 رنسن جي پارٽنرشپ ٿي ۽ بابر 267 جي مجموعي اسڪور تي 36 رنسون ٺاهي جاڌوجي بال تي يووراج سنگهه کي ڪيچ ڏئي ويو پر حفيظ ۽ عماد وسيم وڌيڪ وڪيٽ ڪرڻ نه ڏني ۽ ٽيم جو اسڪور 50 اوورن ۾ 338 تائين پهچايو. حفيظ روايت جي ابتڙ جارحاڻي پيٽنگ ڪئي. ٽن ڇڪن ۽ چئن چوڪن جي مدد سان 47 بالن تي 57 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.عماد وسيم به بنا آئوٽ ٿيڻ جي 25 رنسون ٺاهيون. جنهن ۾ هڪ ڇڪو ۽ هڪ چوڪو شامل هو. ڀارتي بالرن 25 ايڪسٽرا رنسون به ڏنيون. جنهن ۾ 3 نو بال، 13 وائيڊ ۽ 9 ليگ بال به شامل هيون. پاڪستان 50 اوورن ۾ چئن وڪيٽن تي 338 رنسون ٺاهيون. ڀوونيشور پانڊيا ۽ جاڌو هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ايشون 10 اوورن ۾ 70، بمرا 9 اوورن ۾ 68، پانڊيا 10 اوورن ۾ 53، جديجا 8 اوورن ۾ 67 رنسون ڏنيون. جواب ۾ ڀارتي ٽيم لوڏن ۾ رهي ۽ وقفي وقفي سان وڪيٽون ڪرنديون رهيون. عامر ۽ حسن علي 3، 3، شادات خان ۽ جنيد خان هڪ وڪيٽ ورتي. روهت شرما بنا رنس، شيکر ڌون 21 ۽ ڪوهلي 5 رنسون ٺاهي عامر جا شڪار بڻيا. يووراج 22 ۽ جاڌو 9 رنسون ٺاهي شادات خان، ڌوني 4، ايشون ۽ بمرا هڪ هڪ رنس ٺاهي حسن علي ۽ جديجا 15 رنسون ڄاهي جنيد خان جو نشانو بڻيو. پانڊيا 76 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪور بڻجي رن آئوٽ ٿيو. سرفراز فخر کي بال ڏنو. جنهن سبب ڀارتي ٽيم 6 اوور وڌيڪ کيڏي وئي نه ته اڳ ۾ ئي ميچ ختم ٿي وڃي ها. ڀارتي ٽيم 30.3 اوورن ۾ 158 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان 180 رنسن تان چيئمپين بڻجي ويو. جيڪا فائنل ۾ سڀ کان وڏي فتح آهي. پاڪستاني ٽيم 8 سالن بعد آءِ سي سي ٽورنامينٽ کٽيو.فخر زمان مين آف دي ميچ، حسن علي ٽورنامينٽ جو بهترين بالر ۽ بهترين رانديگر قرار ڏنوويو. ڀارت جو شيکر ڌون بهترين بيٽسمين قرار ڏنو ويو. ان فتح سان پاڪستان آءِ سي سي رينڪنگ ۾ اٺين کان ڇهين نمبر تي اچي ويو آهي. 1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليگين کي شرم اچڻ کپي (عمران) ن ليگ جي فتح ناهي: شيخ رشيد

لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته نااهليءَ باوجود نواز شريف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے