20 اربع , سيپٽمبر 2017

سپريم ڪورٽ ڪهڙي به وقت وزيراعظم کي نااهل ڪري سگهي ٿي: پي ٽي آءِ

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ )پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪنهن به وقت عام چونڊن يا ڪنهن تحريڪ جو اعلان ٿي سگهي ٿو، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته ان سلسلي ۾ 22 جون کانپوٰءِ ڪهڙي به وقت فيصلو اچي سگهي ٿو،  جنهن ڪري  تحريڪ  انصاف ڪارڪنن کي ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ جي هدايت آهي، هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾اپارٽمينٽس  بابت ڪوبه جواب نه ڏنو ويو ۽ جيڪي حقيقتون آهن انهن کي اهي ماڻهو لڪائي رهيا آهن، هن چيو ته حديبيه پيپر ملز وڏواسڪينڊل آهي، شهباز شريف جيترو  ان ڌٻڻ کان نڪرڻ جي ڪوشش  ڪري ٿو اوترو ئي ڦاسندو پيو وڃي، فواد چوڌري چيو ته جي آءِ ٽي عيد کان اڳ پنهنجي 15 ڏينهن واري رپورٽ پيش ڪندي، اميد ته نتيجو تمام جلد ايندو، هن وڌيڪ چيو ته عدالت ڪهڙي به وقت  نواز شريف کي نااهل قرار ڏئي سگهي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران الوداعي جلسيون پيو ڪري: سعيد غني

اسلام آباد (م ڊ) پ پ ايم پي اي سعيد غني چيو آهي ته عمران …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي