24 سومر , جولاءِ 2017

ڪراچي شهر اسان سڀني جو آهي، ترقي لاءِ گڏجي ڪوشش ڪرڻي پوندي: محمد زبير

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته نارٿ ناظم آباد ۾ عبدالستار ايڌي جي نالي سان منسوب انٽرچينج جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. افتتاحي تقريب جي موقعي تي سنڌ جي گورنر جو چوڻ هو ته هي شهر اسان سڀني جو آهي ۽ سڀني کي ان جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي. تقريب ۾ ڪراچي جو ميئر وسيم اختر، اڳوڻو ناظم ۽ پي ايس پي جو سربراهه مصطفيٰ ڪمال، جماعت اسلامي ڪراچي جو امير حافظ نعيم الرحمان ۽ مسلم ليگ ن جو عهديدار به تقريب ۾ موجود هو. هن چيو ته اهو شهر اسان سڀني جو آهي ۽ اڄ هتي مختلف سياسي پارٽين جي موجودگي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اهي سڀ هن شهر کي پنهنجو شهر سمجهن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چوڌري نثار سمجهدار سياستدان آهي، مشوري جي ضرورت ناهي: جاويد هاشمي

ملتان (ويب ڊيسڪ): سينئر سياستدان جاويد هاشمي چيو آهي ته چوڌري نثار کي منهنجي مشهري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي