11 پیر , دسمبر 2017

عائشه تاڪيا چپن جي سرجري بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا عائشه تاڪيا پنهنجي چپن جي پلاسٽڪ سرجري متعلق خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ان جي سوشل ميڊيا تي تصوير کي فوٽوشاپ ذريعي تبديل ڪيو ويو آهي. بالي ووڊ فلم ”ٽارزن“ ذريعي شهريت حاصل ڪندڙ اداڪارا عائشا تاڪيا کي 2009ع ۾ سلمان خان سان گڏ فلم ”وانٽيڊ“ شهريت جي بلندين تي پهچايو، پنهنجي خوبصورتي ۽ بهترين اداڪاري ذريعي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندڙ اداڪارا عائشه تاڪيا جي ڪجهه عرصو اڳ سوشل ميڊيا تي جاري ٿيندڙ تصوير سندس مداحن سميت سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو هو، تصوير ۾ اداڪارا جي شخصيت چپن جي سرجري ڪرائڻ سبب بلڪل ئي تبديل ٿي وئي هئي، جنهن تي سوشل ميڊيا صارفين ان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي ان جي اهڙي عمل کي بيوقوفاڻو فعل قرار ڏنو هو. ڪجهه صارفين ته ايتري تائين به چيو ته جڏهن اوهان جو وَر هڪ مالدار شخص هجي ته اوهان کي سمجهه ۾ نه ايندو هجي ته پئسا ڪٿي خرچ ڪيا وڃن ته ايئن ئي ٿيندو آهي جيئن عائشه تاڪيه سان ٿيو آهي. ان وقت ته بالي ووڊ اداڪارا ماڻهن طرفان ڪيل تنقيد کي مذاق سمجهي کِل ۾ گول مٽول ڪري ڇڏيو هو پر هاڻي ان حوالي سان خاموشي ٽوڙيندي ان جو چوڻ آهي ته منهنجي تصوير سان ڪنهن وڏو مذاق ڪيو هو. عائشه تاڪيه چيو ته جڏهن تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ٿي ته ان وقت مان گووا ۾ هيس، حقيقت ۾ منهنجي چهرو ننڍو آهي جڏهن ته سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ تصوير ۾ چهرو وڏو نظر اچي رهيو آهي، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته منهنجي تصوير سان ڪنهن ڇيڙڇاڙ ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب ۾ عورتن لاءِ ڪنسرٽ، لبناني گلوڪاره حبا تواجي طرفان فن جو مظاهرو

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جي شهر رياض ۾ عورتن لاءِ ٿيل ڪنسرٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے