11 پیر , دسمبر 2017

ٿولهه کان مڪمل جان ڇڏائڻ لاءِ ورزش ڪري رهي آهيان، باهو بلي جي هيرو متاثر ڪيو: راني مکرجي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي پرڪشش اداڪاره راني مکرجي چيو آهي ته ٿولهه کان مڪمل جان ڇڏائڻ لاءِ ورزش ڪري رهي آهيان، جنهن ڪري منهنجو وزن ڪافي گهٽجي ويو آهي، هر هيروئن کي ڪنهن به هيرو سان گڏ فٽ نظر اچڻ ڪري پنهنجي پاڻ کي اسمارٽ رکڻو پوندو آهي. هڪ انٽرويو ۾ راني مکرجي چيو ته سوشل ميڊيا تي ڪجهه عرصي کان منهنجي ٿولهه واريون تصويرون شيئر ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته حقيقت ۾ اهڙو ڪجهه به نه آهي، ماڻهو ٿورو صحت مند ٿي پويندو آهي، پر ان کي ورزش ذريعي ختم ڪرڻ منهنجي لاءِ گهڻو مشڪل نه آهي. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن کان سخت ورزش ڪري ڪافي وزن گهٽايو آهي، هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته سلمان خان، عامر خان ۽ شاهه رخ خان منهنجا پسنديدا اداڪار آهن جن سان گڏ ڪم ڪندي مونکي تمام مزو ايندو آهي جڏهن ته فلم ’’باهو بلي‘‘ جو هيرو به مونکي گهڻو متاثر ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب ۾ عورتن لاءِ ڪنسرٽ، لبناني گلوڪاره حبا تواجي طرفان فن جو مظاهرو

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جي شهر رياض ۾ عورتن لاءِ ٿيل ڪنسرٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے