18 اربع , آڪٽوبر 2017

سلمان خان ’’فادرز ڊي‘‘تي والد سليم خان پاران تعريف ڪرڻ تي خوش ٿي ويو

ممبئي (شوبز نيوز) پاڪستان ۽ ڀارت سميت پوري دنيا ۾ اڄ ’’فادرز ڊي‘‘ ملهايو پيو وڃي، هي ڏينهن پيءُ سان محبت ڪرڻ وارن لاءِ تمام اهميت رکندڙ ڏينهن آهي، هن ڏينهن کي عام ماڻهو توڙي شوبز انڊسٽري  سان تعلق رکندڙ شخص به تمام ڀرپور نموني ملهائيندا آهن. باليووڊ ۾ دبنگ خان نالي سان مشهور 51 سالن جو اداڪار سلمان خان جو دل به ٻارن وانگر نرم آهي، هو پنهنجي خاندان ۽ زندگي سان ويجهڙائپ وارا لاڳاپا رکندڙ انسانن کي تمام گهڻي محبت ڪري ٿو ۽ جنهن جو ثبوت ڪجهه ڏينهن اڳ جاري ٿيندڙ وڊيو آهي جنهن ۾ هو پنهنجي والد سليم خان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي جذباتي ٿي ويو، ٽويٽر تي شيئر ٿيندڙ ويڊيو ۾ سلمان خان پنهنجي ايندڙ فلم ’’ٽيوب لائيٽ‘‘ متعلق منهنجي مداحن جي سوالن جا جواب ڏيندي نظري اچي ٿو، ويڊيو ۾ هڪ مداح پاران سلمان خان سان اهو سوال ڪيو ويو ته هن جي والد ڪڏهن هن جي تعريف ڪئي هئي؟ ان سوال تي پهرئين ته سلمان خان تمام جذباتي ٿي پيو ۽ پوءِ جواب ڏيندي چيائين ته منهنجي والد منهنجي ايندڙ فلم ’’ٽيوب لائيٽ‘‘ ۾ منهنجي ڪارڪردگي کي سنواريندي مونکي چيو ته ’’ تو تمام سٺو ڪم ڪيو آهي‘‘، جنهن مهل سلمان خان جي چهري تي چٽو ظاهر ٿي رهيو هو ته هو پنهنجي پيءُ جي ڪيل هن تعريف تي تمام گهڻو خوش هو ۽ هيءَ تعريف هن لاءِ تمام وڏي اهميت رکي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڌوري ڊڪشٽ پهريون ڀيرو مراٺي فلم ۾ جلوا ڏيکاريندي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ماڌوري ڊڪشٽ پهريون ڀيرو مراٺي فلم ۾ نظر ايندي. ڀارتي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي