26 اربع , سيپٽمبر 2018

قومي ناڻي مان وزير اعظم نواز شريف جي مشهوري لاءِ هلايل اشتهاري مهم خلاف درخواست داخل

Pakistani paramilitary soldiers leave from the high court after the case hearing of former military ruler Pervez Musharraf in Islamabad on April 18, 2013. A Pakistani court on Thursday ordered the arrest of former military ruler Pervez Musharraf for his controversial decision to dismiss judges when he imposed emergency rule in 2007, officials said.  AFP PHOTO/Farooq NAEEMFAROOQ NAEEM/AFP/Getty Images

اسلام آباد (ع آ نيوز) قومي ناڻي مان وزير اعظم نواز شريف جي مشهوري لاءِ هلايل اشتهاري مهم خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، مقامي سياستدان فياض الحسن چوهاڻ پاران داخل ڪيل درخواست ۾ الزام مڙهيو ويو آهي ته وزيراعظم پاران آذان خان شهيد مونٽيسري اسڪول جي افتتاح بابت ٺاهيل اشتهار جي رقم حڪومتي بجيٽ مان ڏني وئي، درخواست ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڇاڪاڻ ته ان اشهتاري مهم جو مقصد وزيراعظم جي عزت ۽ وقار وڌائڻ ۽ حڪومتي ڪم ڳڻائڻ آهي، تنهن ڪري اها مهم سياسي مقصدن لاءِ آهي، پٽيشنر جو چوڻ هو ته اشتهاري مهم ۾ خرچ ٿيل رقم عوام جي ٽيڪسن مان گڏ ٿي، تنهن ڪري اها اسڪولن، ڪاليجن، اسپتالن ۽ ٻين عوامي معاملن لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي، درخواست ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته ان معاملي بابت پيمرا چيئرمين کي به درخواست ڏني وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته هو اليڪٽرانڪ ميڊيا کان اشتهار هلائڻ واري رقم بابت پڇي پر چيئرمين ان درخواست جو ڪوبه جواب نه ڏنو، پٽيشنر الزام مڙهيو آهي ته سرڪاري ادارن کي عوام جي پئسي جي غلط استعمال جي جاچ ڪرڻ گهرجي پر اهي مختلف هيلن بهانن سان ان معاملي تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عدالت کي درخواست ڪئي وئي آهي ته ناڻي واري وزارت کي اشتهاري مهم جي رقم نواز شريف کان وٺڻ جي هدايت ڪئي وڃي، جڏهن ته سڌسماءَ واري وزارت ۽ پيمرا کي به هدايت ڪئي وڃي ته اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا کي وزيراعظم جا اشتهار نه هلائڻ جو چيو وڃي، اسلام آباد هائيڪورٽ جي هڪ رڪني بينچ ان درخواست تي ايندڙ هفتي غور ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آپريشن ردالفساد: ايف سي جي بلوچستان ۾ ڪاروائي، وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) سيڪيورٽي فورسز آپريشن ردالفساد تحت بلوچستان ۾ وڏي ڪاروائي ڪندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے