21 اتوار , جنوری 2018

رينجرز جي ڪارروائي، دهشتگردي جو منصوبو ناڪام، 3 دهشتگرد گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ رينجرز حضرت علي عليه سلام جي ڏهاڙي تي دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. رينجرز جي ترجمان موجب اورنگي ٽائون واري علائقي مان پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر جھنگوي سان تعلق رکندڙ 4 دهشتگردن گرفتار ڪيو آهي، جيڪي اڄ حضرت علي عليه سلام جي ڏهاڙي تي مرڪزي جلوس ۾ آپگھاتي حملو ڪرڻ چاهن پيا. دهشتگردن جي قبضي مان آپگھاتي جيڪٽ، بارودي مواد ۽ هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن. ترجمان جو چوڻ آهي ته دهشتگرد مرڪزي جلوس تي حملو ڪرڻ جي منصوبا بندي ڪري رهيا هئا چڪا هئا جنهن کي رينجرز بروقت ڪارروائي ڪري ناڪام بڻايو. گرفتار دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر جھنگوي سان آهي جڏهن ته سندن قبضي مان آپگھاتي جيڪٽَ، 15 ڪلو بارودي مواد، 18 دستي بم ۽ ڪلاشنڪوف به هٿ ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽرين غلط ٿي سگهن ٿا پر پارليامينٽ نه: شهلا رضا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شهلا رضا چيو آهي ته شاهه محمود قريشي اسيمبلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے