21 جمعو , سيپٽمبر 2018

پاڪ ڀارت فائنل ميچ: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه به ميدان ۾ اچي ويو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي فائنل ميچ کان اڳ سڄي قوم ڪاميابي جي لاءِ دعاڳو آهي. ڪرڪيٽ جي بخار ۾ مبتلا قوم وڏي ٽياڪڙي جو انتظار آهي ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه به ميدان ۾ اچي ويو آهي جنهن ڪرڪيٽ ليجنڊن سرويوين رچرڊ ۽ آئن چيپل جي اعزاز ۾ مانجهاندو ڏنو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪرڪيٽ ليجنڊن جي اعزاز ۾ مانجهاندي جو بندوبست راولپندي ۾ موجود آرمي هائوس ۾ ڪيو ويو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ويوين رچرڊ ۽ آئن چيپل کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور به آرمي چيف سان گڏ هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے