19 جمعہ , جنوری 2018

فيصل آباد ۾ چئن ڀيڻن ڀائرن پيٽرول هاري وڏي ڀاءُ ۽ ڀاڄائي کي باهه ڏئي ڇڏي

aagفيصل آباد (ع آ نيوز) پنجاب جي علائقي تانداليانوالا ۾ چئن ڀيڻن ڀائرن پيٽرول هاري پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ ڀاڄائي کي باهه ڏئي ڇڏي، جن مان ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، خابرو ادارن موجب تانداليانوالا ۾ ڏيتي ليتي جي معاملي تان ڀائرن هٿان پيٽرول هاري ساڙيل زال مڙس کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو، تانداليانوالا جي علائقي داڻا آباد ڪنجواڻي ۾ رهندڙ 4 ڀائرن مصطفيٰ، امير، مرتضيٰ ۽ نور حسن ۾  رقم جي ڏيت ليتي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن کانپوءِ مير ۽ مرتضيٰ پنهنجي ڀاءُ مصطفيٰ ۽ سندس گهرواري نسرين تي پيٽرول هاري کين باهه ڏئي ڇڏي، جنهن سبب ٻئي زال مڙس سڙِي مرڻينگ ٿي پيا، ٻنهي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٽي ايڇ ڪيو اسپتال پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن طبي امداد ڏيڻ  کانپوءِ کين فيصصل آباد جي برن يونٽ اماڻي ڇڏيو،جتي ڊاڪٽر سندن حياتي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا،مصطفيٰ ۽ نسرين جي شادي ٽي مهينا پهرين ٿي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ڪا به گنجائش ناهي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے