21 جمعو , سيپٽمبر 2018

”فادرز ڊي تي پٽ سان فائنل آهي“: ورندر سهواگ جي ٽوئيٽ تي سخت تنقيد

ممبئي(شوبز نيوز) دنيا جتي چئمپينز ٽرافي جي فائنل ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ دنگل جو انتظار ڪري رهي آهي اتي اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر وريندر سهواگ به تعصب سان ڀريل ٽوئيٽ ڪري پاڪستاني شوقينن کي ڪاوڙ ڏياري ڇڏي، تفصيل مطابق پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڀارتي ڪرڪيٽر وريندر سهواب بنگلاديش کي مخاطب ڪندي لکيو ”سٺي ڪوشش ڪئي پوٽي، سيمي فائنل تائين پهچڻ لاءِ بهترين ڪوششون ڪيون، گهر جي ئي ڳالهه آهي، فادرز ڊي تي پٽ سان فائنل آهي“، سهواگ پنهنجي تعصب ڀريل ٽوئيٽ جي آخر ۾ لکيو: ”مذاق کي سنجيده نه وٺو پٽ“. سهواگ جي اهڙي ٽوئيٽ تي گهڻن ماڻهن ان جي سوچ تي تنقيد ڪندي مشورا ڏيندي نظر آيا ته ايتري وڏي ڪرڪيٽر کي اهڙي قسم جو تبصرو نٿو جڳائي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے