23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

گرمين ۾ چهري لاءِ ٿڌا ماسڪ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گرمين ۾ اُس لڳڻ ۽ پگهر اچڻ سبب چهري جي سونهن گهڻي متاثر ٿيندي آهي، اهڙي موسم جي چهري جي حفاظت لاءِ ٿڌا ماسڪ استعمال ڪيو، جن سان توهان کي راحت به محسوس ٿئي ۽ چهري جي خوبصورتي به برقرار رهي.

کيري جو ماسڪ:

شيون: کيري جا 3 ٽڪرا، بيضي جي زردي، پيسيل بادام ٻه چمچا، ماکي ٻه چمچا ۽ جوئر جو اٽو ٻه چمچا

طريقو: سڀني شين کي بلينڊر ۾ چڱيءَ طرح پيسڻ کانپوءِ 10 منٽن تائين چهري تي لڳائي ڇڏيو ۽ پوءِ ٿڌي پاڻي سان مُنهن ڌوئي ڇڏيو، توهان کي واضح فرق نظر ايندو.

هيڊ جو ماسڪ:

شيون: ٻه چمچا هيڊ، اڌ چمچو بيسڻ، گلاب جو هڪ چمچو

طريقو: سڀني شين کي گڏائي 15 منٽن تائين چهري تي لڳائي ڇڏيو، پوءِ آهستي آهستي آڱرين جي مدد سان مُنهن کي رَهڙيو، ڪجهه دير کانپوءِ مُنهن ڌوئي ڇڏيو. ان سان توهان جي چهرو جو رنگ ڀُورو ٿي ويندو ۽ چُٽا توڙي موهيڙا ختم ٿي ويندا.

ڪيلي جو ماسڪ:

ڪيلي کي پيسي پيسٽ ٺاهي ڇڏيو، پوءِ 15 منٽن تائين چهري تي لڳائڻ کانپوءِ هلڪي گرم پاڻي سان مُنهن ڌوئي ڇڏيو. توهان جي چهري جو رنگ صاف ٿي ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڇا توهان وارن جي واڌ ويجهه ۾ تيزي چاهيو ٿا؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڇا توهان پنهنجي وارن جي واڌ ويجهه ۾ تيزي چاهيو ٿا پر …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي