25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

پاڪستان سان گڏيل سيريز کان انڪار ڪندڙ اسان سان ئي کيڏڻ لاءِ پاڻ ۾ پيا وڙهن: نجم سيٺي

لنڊن (اسپورٽس نيوز) پي سي بي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي ته اسان سان گڏيل سيريز کيڏڻ کان انڪار ڪندڙ ٻئي ٽيمون اسان سان ئي کيڏڻ لاءِ پاڻ ۾ وڙهي رهيون آهن. ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ جاري چيمپيئنز ٽرافي جي سيمي فائنل ميچ جي حوالي سان نجم سيٺي ٽوئيٽر تي تبصرو ڪندي لکيو آهي ته ڪيتري عجيب ڳالهه آهي جو ٻئي سيمي فائنل ۾ مقابلو ڪندڙ ڀارت ۽ بنگلاديش جا بورڊ پاڪستان سان ٻه طرفي سيريز کيڏڻ لاءِ تيار ناهن هوندا پر اڄ قسمت سان ساڳيون ئي ٻئي ٽيمون پاڪستان سان فائنل کيڏڻ لاءِ هڪٻئي جو پاڻي ڪڇي رهيون آهن. واضح رهي ته ڀارت گذريل ڪيتري ئي عرصي کان وٺي معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستان سان گڏيل سيريز کيڏڻ کان انڪاري آهي، جڏهن ته ڪجهه وقت بنگلاديش پڻ پاڪستان سان ٻه طرفي سيريز کيڏڻ کان انڪار ڪيو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ آصف زرداري کان مدد گهري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ اڳوڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے