19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڪابه ڪرپشن ناهي ڪئي، سازشون ڪندڙن کي ناڪامي ملندي: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته اسان ڪابه ڪرپشن نه ڪئي آهي، ايندڙ سال عوامي عدالت ۾ پيش ٿينداسين. جي آءِ ٽي ۾ پيشيءَ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته جي آءِ ٽي سامهون پنهنجو موقف پيش ڪري ڇڏيو آهي، عوام جي جي آءِ ٽي به لڳائڻي آهي، هي ڪو ڪرپشن ڪيس ناهي. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ جي آءِ ٽي جي رپورٽ اچي ويندي، عدالت جو فيصلو اچڻ به لازمي آهي. سندس چوڻ هو ته منهنجي ۽ منهنجي ڪٽنب پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو آهي، جي آءِ ٽي کي سمورا دستاويز پيش ڪيا ويا آهن. وزيراعظم نواز شريف چيو ته مخالف ڀلي ڪيتريون سازشون ڪن، کين ناڪامي ملندي.هن چيو ته هاڻي گڏين واري راند نه هلندي، هاڻي تاريخ جو  ڦيٿو پوئتي نه موڙيو ويندو. سندس چوڻ هو ته سندس خاندان جي ذاتي ڪاروبار تي تنقيد ڪئي پئي وڃي، سمورا تفصيل لاڳاپيل ادارن موٽ موجود آهن. وزيراعظم نواز شريف چيو ته ايندڙ سال سڀ کان وڏي عوامي عدالت ۾ به وڃڻو آهي، سڀ ڪجهه عوام کي ٻڌائيندو. هن چيو ته احتساب جو سلسلو سندس پيدائش کان اڳ شروع ڪيو ويو، مان پنهنجي ٽڪي ٽڪي جو حساب ڏئي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم ۽ صفدر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے