20 خميس , سيپٽمبر 2018

وزير اعظم نواز شريف ڏکيائين ۾ ڦاٿل آ، هن کي مني لانڊرنگ بابت ٻڌائڻو پوندو: شيخ رشيد

لاهور(ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف ڏکيائين ۾ ڦاٿل آهي. نواز شريف کي مني لانڊرنگ بابت ٻڌائڻو پوندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته 18-18 سالن جا ٻار به ارب پتي بڻي ويا آهن، ڪاش نواز شريف قوم جي ٻارن لاءِ به ائين ڪري ها. سڄو خاندان مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهي. هن چيو ته سڄو خاندان صفايون پيش ڪري رهيو آهي، نواز شريف جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيو ته ڪهڙي تلوار هلي هئي. عدالت چورن جي حق ۾ فيصلو ڪري يا چوڪيدارن جي حق ۾ اسان کي قبول آهي. نواز شريف جوابدار آهي ۽ هن کي جوابدار بڻجڻ ۾ باقي 70 کان 80 لڳندا. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف پنهنجي ڏوهن جون صفايون پيش ڪرڻ لاءِ ويو آهي، پورو يقين آهي ته نومبر ۾ اليڪشن ٿيندي ۽ قرباني کان پهرين قرباني ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے