24 سومر , سيپٽمبر 2018

نواز شريف جي آءِ ٽي جي سامهون جوابدار جي حيثيت سان پيش ٿيو آهي : فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته  نواز شريف جي آءِ ٽي جي سامهون جوابدار جي حيثيت سان پيش ٿيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته  نواز شريف ٻڌائي ته 1993ع ۾ نيسڪول ۽ نيلسن ڪيئن بڻايون، نوازشريف جي آءِ ٽي آڏو پيش ناهي ٿيو پر ان کي پيش ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته  نواز شريف پاڻ پيش ناهي ٿيو، جي آءِ ٽي جي حڪم تي پيش ٿيو آهي، اپارٽمنٽ ٻارن جي نالي تي ڪيئن منتقل ٿيا؟ پاڪستان جي عوام جي لاءِ اڄ تاريخي ڏينهن آهي. پاناما ڪيس منطقي انجام ڏانهن وڌي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان چيو هو ته آئون انهن کي روئاريندس ۽ اڄ انهن جي روئڻ جو ڏينهن اچي ويو جڏهن ته ن ليگ وارن جي روئڻ جو آواز اچي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ 14 لک افغان پناهگير رهن ٿا، انگ اکر جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت کي سڄي ملڪ ۾ رهندڙ افغان پناهگيرن جا انگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے