20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڪراچي: يوم حضرت علي رضه جي موقعي تي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي گهرو کاتي ڪراچي ۾ يوم حضرت علي رضه جي موقعي 17جون تي شهر ۾ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت يوم حضرت علي رضه جي موقعي تي شهر ۾ ٻيلهه سواري تي هڪ ڏينهن لاءِ پابندي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.گهرو کاتي پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب ٻيلهه سواري تي پابندي 17 جون جي رات 12 بجي کان لاڳو ڪئي ويندي جيڪا ايندڙ 24ڪلاڪن تائين لاڳو رهندي. نوٽيفڪيشن  موجب جلوسن دوران ڊرون ڪيمرا استعمال تي به پابندي لاڳو هوندي. هوڏانهن ڪراچي پوليس چيف به گهرو کاتي کي خط لکيو آهي جنهن ۾ درخواست ڪئي وئي آهي ته يوم حضرت علي رضه جي موقعي تي سيڪيورٽي خدشن سبب صبح 10 کان رات8 وڳي تائين موبائل فون سروس بند رکي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Muharram-ul-Haram Jalos, mobile services closed in different cities

محرم الحرام جا جلوس، مختلف شهرن ۾ موبائل سروس بند

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾  8 محرم الحرام جا جلوس، مختلف شهرن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے