20 خميس , سيپٽمبر 2018

حسن علي چيمپيئنز ٽرافي ۾ وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ پهريون پاڪستاني بالر بڻجي ويو

ڪارڊف (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر حسن علي چيمپيئنز ٽرافي ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ پاڪستاني بالر جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو. ڪارڊف ۾ کيڏيل چيمپيئنز ٽرافي جي پهرين سيمي فائنل ۾ ميچ ۾ حسن علي هڪ ڀيرو ٻيهر بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪندي ٻه وڪيٽون ورتيون ۽ ميزبان ٽيم کي گهٽ اسڪور تي آئوٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. حسن علي سيمي فائنل جهڙي اهم ميچ ۾ اهڙي ڪارڪردگي ڏيکارڻ کانپوءِ چيمپيئنز ٽرافي جي هڪ ايونٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ پاڪستاني بالر جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو. چيمپيئنز ٽرافي جي ڪنهن به هڪ ايونٽ ۾ پاڪستان طرفان سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺڻ جو اعزاز اڳوڻي اسپنر سعيد اجمل وٽ هو، جنهن 2009ع ۾ ٿيندڙ چيمپيئنز ٽرافي ۾ 8 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون پر حسن علي ان جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. حسن علي هن ايونٽ ۾ 10 وڪيٽون وٺي سڀ کان ٽاپ بالر بڻجي ويو آهي. ايونٽ ۾ ٻيو سڀ کان ڪامياب بالر آسٽريليا جو جوش هيزل ووڊ آهي، جنهن 9 وڪيٽون حاصل ڪيون. واضح رهي ته حسن علي پاڪستان سپر ليگ جي ٻئي ايڊيشن ۾ پشاور زلمي کي ٽائيٽل کٽرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، جڏهن ته هن ويسٽ انڊيز خلاف گذريل سيريز ۾ پڻ بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Swordswriter Zulton Abraham completed 500 goals

سوئيڊش اسٽرائيڪر زلاٽن ابراهمووچ 500 گول مڪمل ڪري ورتا

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ ) سوئيڊش اسٽرائيڪر لاٽن ابراهمووچ ڪيريئر ۾ 500 گول مڪمل ڪري ورتا، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے