19 اربع , سيپٽمبر 2018

چيمپيئنز ٽرافي جي ٻئي سيمي فائنل ۾ اڄ بنگالين جو ڀارت سان دنگل

برمنگهم (اسپورٽس نيوز) چيمپيئنز ٽرافي جي ٻي سيمي فائنل ميچ اڄ ڀارت ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي. انگلينڊ ۾ جاري چيمپيئنز ٽرافي جا مقابلا آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويا آهن، ان ڏس ۾ اڄ ايونٽ جي ٻي سيمي فائنل ميچ ۾ ڀارت ۽ بنگلاديش جون ٽيمون مهاڏو اٽڪائينديون، ميچ برمنگهم ۾ کيڏي ويندي، جيڪا پاڪستان وقت موجب منجهند اڍائي وڳي  شروع ٿيندي. ان حوالي سان ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ورات ڪوهلي جو چوڻ هو ته بنگلاديش جي ٽيم ايونٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو آهي، تنهن ڪري اسان ان کي سولو مخالف سمجهڻ جي غلطي نه ڪنداسين. هن چيو ته اسان ميچ ۾ ڪاميابيءَ لاءِ پراميد آهيون. هوڏانهن بنگلاديشي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مشرفي مرتضيٰ چيو ته ڀارت خلاف حڪمت عمليءَ سان ميدان تي لهڻو پوندو ۽ فائنل ۾ پهچڻ لاءِ سڀني رانديگرن کي سخت محنت ڪرڻي پوندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Swordswriter Zulton Abraham completed 500 goals

سوئيڊش اسٽرائيڪر زلاٽن ابراهمووچ 500 گول مڪمل ڪري ورتا

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ ) سوئيڊش اسٽرائيڪر لاٽن ابراهمووچ ڪيريئر ۾ 500 گول مڪمل ڪري ورتا، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے