24 خميس , مئي 2018

خالد لطيف وري ٽربيونل تي اعتراض واري ڇڏيو

لاهور (اسپورٽس نيوز) اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ قومي ڪرڪيٽر خالد لطيف هڪ ڀيرو ٻيهر ٽربيونل جي ميمبرن تي اعتراض اٿاري ڇڏيا آهن. هن پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته ٽربيونل جو چيئرمين ۽ ميمبر ماضي ۾ پي سي بي سان لاڳاپيل رهيا آهن، تنهن ڪري اهي ٽربيونل جو حصو نٿا ٿي سگهن. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي قانوني صلاحڪار تفضل رضوي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيس جي شروعات ۾ ٻڌڻي جي حوالي سان سڀ معاملا طئي ٿي ويا هئا پر هاڻ ڪرڪيٽر پيش ئي نٿو ٿئي ۽ جڏهن اچي ٿو ته هر ڀيري پنهنجو موقف تبديل ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته خالد لطيف ٻيهر ٽربيونل اڳيان پيش ٿيو ۽ چيائين ته احتجاج طور پيش ٿي رهيو آهي. هن ٽربيونل چيئرمين ۽ ميمبرن تي اعتراض واريندي پنهنجي درخواست ۾ چيو ته ٽربيونل سربراهه جسٽس اعجاز افضل پي سي بي جو ليگل ايڊوائيزر آهي، ليفٽيننٽ جنرل (ر) توقير ضيا اڳوڻو چيئرمين ۽ وسيم باري چيف سليڪٽر رهي چڪو آهي، تنهن ڪري انهن کي ڪيس جي ٻڌڻي جو اختيار ناهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اي بي ڊي ويليئرز عالمي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمنٽ جو  اعلان  ڪري ڇڏيو

ڪيپ ٽائون(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا جي مشهور بيٽسمين اي بي ڊي ويليئيرز هر فارميٽ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے