25 سومر , سيپٽمبر 2017

ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ ٽيڪس جي نظام  کي بهتر ڪرڻ ضروري آهي : جهانگير ترين

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته سنڌ سرڪار جو بدلياتي نظام ڪوڙ ۽ فراڊ تي ٻڌل آهي، اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ٿيڻ سان ئي نظام بهتر ٿي سگهندو. ڪراچي ۾ فنڪشنل ليگ اڳواڻ سردار عبدالرحمان سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائندي جهانگير ترين جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ اميدوار نجيب هارون جو ساٿ ڏيڻ تي فنڪشنل ليگ سربراهه پير پاڳاري جا ٿورائتا آهيون. جهانگير ترين جو چوڻ هو ته ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ ٽيڪس جي نظام  کي بهتر ڪرڻ ضروري آهي، درست نموني ٽيڪس ادا ڪرڻ سان ئي ملڪ ترقي ڪري سگهندو. ان موقعي تي سردار عبدالرحيم جو چوڻ هو ته پير پاڳاري خاص هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ ميمبر نجيب هارون جو ساٿ ڏيڻو آهي. سردار عبدالرحيم جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ ترقياتي ڪم ناهن ڪرايا، ڪراچي جهڙي وڏي شهر کي فنڊن جي مناسب ورهاست کان پري رکيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل

لاهور( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي