16 خميس , آگسٽ 2018

خالد لطيف جي ٽربيونل جي ڪارروائي روڪڻ لاءِ انٽرا ڪورٽ اپيل رد

لاهور (اسپورٽس نيوز) لاهور هاءِ ڪورٽ ڪرڪيٽر خالد لطيف طرفان پي سي بي اينٽي ڪرپشن يونٽ ۽ ٽربيونل جي ڪارروائي روڪڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عابد عزيز شيخ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪرڪيٽر جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، خالد لطيف جي وڪيل بدر عالم عدالت کي درخواست ڪئي ته اپيل تي ڪارروائي ۽ فيصلو ٻڌائڻ تائين پي سي بي کي ڪرڪيٽر خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي کان روڪيو وڃي، جنهن تي ٻه رڪني بئنچ خالد لطيف جي اپيل رد ڪري ڇڏي. وفاقي حڪومت طرفان ڪرڪيٽر جي اپيل تي موقف پيش ڪرڻ لاءِ وقت گهريو ويو، جنهن تي عدالت اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 10 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي ڪرڪيٽرن جا آزادي ڏهاڙي جي حوالي سان خاص پيغام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جو 71هون جنم ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے