28 سومر , مئي 2018

اطلاع آهن ته چيني جوڙو قتل ٿي چڪو آهي، لاش ملڻ تائين ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو: بلوچستان حڪومت

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي اطلاع آهن ته گم ٿيل چيني جوڙي کي قتل ڪيو ويو آهي تنهن هوندي لاش ملڻ تائين ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو. بلوچستان حڪومت جي ترجمان ٻڌايو  ته ان ڏوهه پٺيان جن ماڻهن جو هٿ آهي انهن کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين. انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته داعش جي  پيج تي چيني جوڙي جي مارجڻ جي خبر جاري ٿي آهي تنهن هوندي ان بابت ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو. هن وڌيڪ چيو ته اسان ان معاملي تي چيني اختيارين سان رابطي ۾ آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت آءِ ايس پي آر کي فيض آباد ڌرڻو ختم ڪرائڻ جي لاءِ اختيار ڏنا: رپورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) فيض آباد ڌرڻي بابت بچاءَ واري وزارت جي رپورٽ موجب وزير اعظم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے