24 سومر , سيپٽمبر 2018

زڪا وائرس کان بچڻ جا طريقا

zikavirusڪراچي(صحت) مڇر جي کائڻ سان ڊينگي وائرس کان پوءِ زڪا وائرس به سامهون آيو آهي، زڪا وائرس به عام ۽ ڊينگي وائرس ڦهلائيندڙ مڇرن جي کائڻ سان به ٿي سگهي ٿو. مڇرن مان ڦهلجندڙ زڪا وائرس ڏکڻ آمريڪا جي 20 ملڪن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي جڏهن ته ان وائرس سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ برازيل آهي. ان وائرس کان بچاءُ لاءِ احتياطي هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته سمهڻ کان پهرين مڇرن کي مارڻ واري اسپري جو استعمال ڪيو وڃي، گهرن ۽ ڀرپاسي ۾ صفائي جو خاص خيال رکيو وڃي، باٿ روم ۽ ڪچن ۾ پاڻي جمع نه ٿيڻ ڏيو، ان کان سواءِ ٻوٽن کي به وڌيڪ پاڻي نه ڏنو وڃي. زڪا وائرس جو علامتون به ڊينگي وائرس جي علامتن سان لاڳاپيل آهن ۽ جيڪڏهن مڇر ڪنهن اميد واري عورت کي چڪ هڻي ته ان جو ٻار به متاثر ٿي ويندو آهي ۽ ان ٻار جو دماغ ننڍو هوندو آهي. واضع رهي ته زڪا وائرس ڏکڻ آمريڪا جي 20 ملڪن کي پنهنجي ڄار ۾ ويڙهي چڪو آهي ۽ ان وائرس ۾ لڳ ڀڳ 40 لک ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گذريل سال 10 ملين ماڻهو ٽي بي جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ جو انڪشاف

جنيوا (ويب ڊيسڪ) ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته 2017ع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے