25 سومر , سيپٽمبر 2017

پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو سوشل ميڊيا تي توهين جوڳو مواد رکڻ تي موت جي سزا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو سوشل ميڊيا تي توهين جوڳو مواد رکڻ جي ڏوهه ۾ لاهور جي شهري کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي. رپورٽن موجب لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ توهين مذهب ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جج شبير احمد لاهور جي 30 ورهين جي شهري کي توهين جوڳو مواد رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ٻڌائي. دهشتگرد ٽور فورس جوابدار کي گذريل سال بهاولپور مان گرفتار ڪيو هو، جنهن خلاف ملتان ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت طرفان سوشل ميڊيا تي توهين رسالت ڪرڻ تي پهريون ڀيرو ڪنهن کي سخت سزا ٻڌائي وئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنجاب اسيمبلي ۾ نواز شريف جي حق ۾ ٺهراءُ جمع، مخالف ڌر جي مخالفت، نعريبازي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ نواز شريف جي حق ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو آهي، …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي