18 جمعرات , جنوری 2018

سياستدانن کي مشڪل ۾ وجهڻ وارو شيخ رشيد پاڻ مشڪل ۾ پئجي ويو

عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد سيشن ۾ شرڪت لاءِ پارلياميٽ ۾ داخل ٿيڻ وارو هو ته هڪ اڻ ڄاتل شخص کيس روڪي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڄاڻايل شخص شيخ رشيد کي چيو ته توهان مون کان 22 لک رپين جي گاڏي خريد ڪئي هئي، جڏهن ته اڃا تائين پئسا ناهن ڏنا ۽ ٽال مٽول ڪري رهيا آهيو ۽ ڪٿي ملو به نه ٿا، ان ڪري پارليامينٽ پهتو آهيان، جنهن بعد ڄاڻايل شخص جي ملڪ نور اعواڻ جي نالي طور سڃاڻپ ٿي، جنهن کي مسلم ليگ ن جو سرگرم ڪارڪن ٻڌايو پيو وڃي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے