24 خميس , مئي 2018

پي سي بي شرجيل خان ۽ خالد لطيف کي گواهه طور پيش ڪرڻ جي درخواست واپس وٺي ڇڏي

لاهور(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي نيشنل ڪرائم ايجنسي اسپاٽ فڪسنگ ڪيس جا شاهد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي. پي ايس ايل اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ معطل شرجيل خان اربه تي به ٽربيونل اڳيان پيش ٿي، ڪارروائي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اوپنر جي وڪيل شيغان اعجاز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي سي بي شرجيل خان ۽ خالد لطيف کي گواهه طور پيش ڪرڻ جي درخواست واپس وٺي ڇڏي آهي، اڄ جي ڪارروائي مان واضح ٿي ويو آهي ته پي سي بي دير جا ڪرڻ جا بهانا ڳولي رهيو آهي. ٻئي طرف پي سي بي جي قانوني مشير تفضل رضوي چيو آهي ته ٻنهي ڪرڪيٽرن کي گواهه طور پيش ڪرڻ جي درخواست وقتي طور تي واپس ورتي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته ناصر جمشيد جي تحقيق ڪندڙ انگلينڊ جي نيشنل ڪرائم ايجنسي بي سي بي جي جي ايم ليگل سلمان نصير کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته هو اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل جي حوالي سان شاهد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هلندڙ مهيني جي آخر تائين ڄاڻ حاصل ٿي ويندي، ان سان پي سي بي جو ڪيس مضبوط ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اي بي ڊي ويليئرز عالمي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمنٽ جو  اعلان  ڪري ڇڏيو

ڪيپ ٽائون(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا جي مشهور بيٽسمين اي بي ڊي ويليئيرز هر فارميٽ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے