26 اربع , سيپٽمبر 2018

بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ بهترين خوراڪ

Doctor/nurse checking blood pressure with sphygmomanometer gauge in focus.
Doctor/nurse checking blood pressure with sphygmomanometer gauge in focus.

ڪراچي(صحت) جڏهن ڳالهه بلڊ پريشن جهڙي خاموش قاتل سمجهيو ويندڙ مرض جي اچي ٿي ته اتي خوراڪ ئي اسان جي سڀ کان وڏي دشمن ثابت ٿيندي آهي. پر فڪر نه ڪيو ڇو ته اهڙيون ڪيتريون ئي شيون آهن جيڪي انتهائي مزيدار هجڻ سان گڏوگڏ اوهان جي بلڊ پريشر کي به ڪنٽرول ڪنديون آهن. جيئن ڪيلو مزيدار ميوو ته آهي ئي پر ڪيلي ۾ پوٽاشيم ڀريل هوندو آهي ۽ ڪيلو اوهان جي بلڊ پريشر کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي. انهيءَ طرح ٽماٽو جيڪو لائيڪوپين سان ٽمٽار هوندو آهي ۽ ٽماٽي جو استعمال اوهان جي بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪندو آهي. هنداڻي بابت آمريڪا جي ڊاڪٽرن تحقيق ۾ چيو آهي ته هنداڻو رت جي رفتار کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ بلڊ پريشر کي صحيح رفتار ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي. ڪشمش به هاءِ بلڊ پريشر جي مريضن لاءِ فائديمند آهي، هاءِ بلڊ پريشر جا مريض جيڪڏهن روزاني ڪشمش ٿورڙي مقدار ۾ استعمال ڪن ته اهڙي مرض کان ڪافي حد تائين محفوظ رهي سگهن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شراب پيئڻ سبب هر سال 30 لک ماڻهو مرڻ جو انڪشاف

جنيوا (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ هر سال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے