25 اڱارو , جولاءِ 2017

اقتدار جي آنڌي بک ۽ بيوس بڻيل سنڌي عوام 

ابوذر غفاري

مسئلن جي ور چڙھيل سنڌ ۽ سنڌي عوام جنهن سان مسلسل ويساھ گهاتي ٿيندي پئي اچي اهم ڳالهه اها آهي ته سنڌ حڪومت مڪمل طرح سان سنڌي عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي عوام کي ڪنهن به حوالي سان ڪو خاص رليف نه ڏئي سگهي آهي، چاهي روزگار جي حوالي سان رليف هجي يا امن جي حوالي سان هجي يا زراعت جي حوالي سان هجي يا معاشيات جي حوالي سان هجي   نه وري اميد ئي  آهي پري پري کان هن بجيٽ ۾ به ساڳيو عوام تي بي جاءِ وزن رکيو ويو آهي جيڪو پهريان کان ٿيندو پيو اچي، آخر عوام ڪنهن تي يقين رکي ڪهڙي پارٽي کي ووٽ جو حقدار سمجهي هڪ تسلسل هلي پيو آهي، ته جيڪو ڏاڍو سو ئي گابو ، ناانصافي ، بد امني ، ويساھ گهاتي ، بي روزگاري ، وياج خوري ،  بي يقيني ، ڪرپشن ، بدحالي ،نوجوان نسل ۾ مايوسي جهڙن مرضن نوجوانن توڙي عمر رسيده ماڻھن کي ڀڃي لاٿو آهي نظم ضبط جي ڪا ڳالهه نه رهي آهي عوام ته خود پنهنجو پاڻ سان ڪئي آهي، اها انهن کي سمجهڻ کپي جيڪڏهن انقلاب جي ڳالهه ڪجي ٿي ته سڀ پنهنجن پنهنجن مفادن ۾ ورتل آهن، ڪير ڪنهن سان سچو ناهي اقتدار ماڻيندڙ نه ڪڏهن ڪنهن حوالي سان اليڪشنن ۾ ٿيندڙ واقعات ۾ مرن ٿا ۽ نه وري ڪنهن به قسم جي تڪليف سان لاڳاپيل رهن ٿا، اسان جي سماج ۾ اقتدار هڪ موروثيت جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي يا ايئن کڻي چئجي ته ميرٽ جي بنياد تي به ڪرپشن ڪئي پئي وڃي اقتدار جي بک ايتري ته وڌي وئي آهي جو ڏوڪڙن جي لالچ ، نوڪرين جي لالچ ، ٺيڪن جي لالچ ، ٽينڊرن جي لالچ ، ۽ جيڪا سيٽ خريد ڪري اچن ٿا پهريان پنج سال ان جي متبادل خرچ ڪڍڻ پرسنٽيج وٺڻ ۽ مال ميڙڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا به قصر نٿا ڇڏين، عوام بي وقوفي جي ور چڙهيل آهي، چونڊيل نمائندا نالي ماتر رهيا آهن يا پنهنجي اهليت وڃائي ويٺا آهن  پر هن سائنسي ۽ جديد دور ۾ ڪامورا توڙي وزارتون ماڻيندڙ چونڊيل نمائندا يا اڳواڻ ڳٺ جوڙ سان عوام جو رت چوسي چوسي پنهنجي لاءِ عذاب گڏ ڪري رهيا آهن .

اقتدار جو آخر صحيح استعمال ڇونٿو ڪيو وڃي ؟؟؟ آچو ته ڪجھه نظر وجهون ان معاملي تي نظم ضبط پهريون مرحلو آهي، ماحول کي سازگار بڻائڻ لاءِ جيڪو به سياسي اڳواڻ رهنما ،يا چونڊيل نمائندو نٿو بڻائڻ چاهي ان جدوجهد کي  هڪ ننڍي ڳوٺ کان ٿا مثال طور واضح ڪيون . جڏھن به ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪو مقدم يا وڏيرو ،سردار جو وجود موجود هوندو آهي ته اتي اڪثر واقعات ڪهڙا رونما ٿيندا آهن ؟ هڪ ته ڪارو ڪاري جو معاملو جيڪو هن سائنسي دور ۾ به ڳجهارت بڻجي چڪو آهي ٻيو ڏنڊ ۾ معصوم ٻارڙن جون سڱ طور چٽيون، ٽيون تعيلم جهيڙي زيور کان پاسائتو ڪرڻ، چوٿون غير انساني فيصلا ڪري ڳرا ڏنڊ وجهڻ ان سلسلي جو معمول بڻيل هجي، ته ڪٿان ترقي ممڪن آهي، انهن ڪڌن معاملن مان ماڻھو ڪٿان نڪرن جو پنهنجي ٻچن جي لاءِ سوچين پاڙي وارن جي لاءِ سوچين علائقي واسين جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

اهيو trend مسلسل هلندو پيو اچي، جنهن کي حد جي سياسي يا انتظامي پشت پناهي پڻ حاصل رهي آهي اتان جو عوام انهن معاملن مان نڪرڻ جي مس ڪوشش ڪندو آهي ته وري ڪنهن نه ڪنهن مسئلي جو ڪَرُ پاڻ نڪري پوندو آهي يا ڪڍيو ويندو آهي، اهي وڏيرا يا مقدم سردار responsible آهن ۽  انهن جي مٿاهن وارن جي مفادن طور راضپي طور ڪم ڪندا رهندا آهن جنهن جي ڪري شعور از خود رڪجي ويندو آهي، جنهن سان عوام ۽ پڙهيل لکيل نوجوان پنهنجي مقصدن کان هٽي ويندا آهن اهم سبب اهو پڻ آهي ته سنڌ ، پنجاب جي نسبت تمام پوئتي آهي يا ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن سوال اهيو اٿاريندو ته آخر ڪهڙو سبب آهي جو سنڌ جو عوام بک مفلسي، بيروزگاري ڪرپشن، سان گڏ بد امني جي ورچڙهيل آهي، ته جواب سياسي شهزادن طرفان اهو ملندو ته وفاق ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو بيٺو آهي ، بي روزگاري ڇا وفاق موڪلي آهي ،ڇا منشيات جي ڪاروبار ۾ وفاق جا هٿ آهن ،ڇا صفائي سٺائي وفاق جي هٿ ۾ آهي، ڇا سنڌ جي نوجوانن کي روزگار مهيا ڪرڻ وفاق جي هٿ ۾ آهي.

جيڪڏهن  حڪومت کي مراعات ، فنڊس به بلڪل صحيح ملي رهيا آهن، ته انهن جو استعمال ڪهڙي طريقي سان  ٿو ٿئي ۽ ڪٿي ٿو ٿئي سنڌ حڪومت جا پيل فنڊ بي جا ليپس ٿيو وڃن ايترا اهل سياست دان موجود آهن، جو مجال آهي ته سنڌ ۾ بهتري جي ڪوشش ڪن يا عوام جي لاءِ بهتر اپاءَ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، پر ائين ڪڏھن به ناهي ڪيو ويو آخر ڇو ؟؟ اقتدار جي حوس ايتري ڏينهنون ڏينهن وڌي رهي آهي، جو پنهنجي سنڌ کي سڌارڻ جي لاءِ ترقي لاءِ ڪير به سياسي اڳواڻ سنجيده ٿي سوچڻ جي ڪوشش نٿو ڪري، سائين جي ايم سيد جا ڪجھه لفظ ياد ٿا آچن جيڪي انهن سچ چيا آهن.

*پختا ارادا بهترين هٿيارن کي شڪست ڏئي سگهن ٿا.

سنڌ جو ملو، پير، مير، وڏيرو، جاگيردار اهي سڀئي بزدل موقعي پرست ۽ اقتدار جا بکيا آهن انهن مان سنڌ جي ڀلائي رکڻ بيڪار آهي. جنهن ماحول ۾ قلم دانن جو قلم فروش ٿئي جنهن ماحول ۾ ضمير جو وڪرو عام بڻجي وڃي جتي تعليم جي معمارن جي ڪابه حيثيت نه رهي جتي چاپلوس ۽ وياج خورن جي گهڻائي هجي اتي ڪهڙي طرح ترقي ممڪن آهي سنڌ ڌرتي  قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي پر ان جي باوجود به اسان محتاج بڻيل آهيون ترقياتي فنڊن ۾ ڪرپشن هجي نوڪرين جو نيلام عام هجي اتي جي عوام جو ڪهڙو حشر نشر ٿيندو .

سنڌ ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي وفات کان بعد هن وقت تائين پاڪستان پيپلز پارٽي اقتدار تي ويٺي آهي پر نوجوانن جي بيروزگاري ۾ ڪٿي به ڪمي نظر نٿي اچي، هر ٻئي ڏينهن نوجوان بيروزگاري سبب پنهنجين زندگين جو ڏيئو وسايو ويٺا آهن حڪومت خاموش آهي بلڪه ائين هجڻ کپي ته ننڍي سطح کان ڪامورن کي سختي سان حڪم هجن ته توهان اهڙن معاملن کي خوش اصولي سان حل ڪيو پر هي وقت تمام تيزي سان گذري رهيو آهي، هر هڪ پنهنجن مفادن طور ڪم ڪري رهيو آهي، نوجوان ڊگريون حاصل ڪري ڇولا کپائڻ تي مجبور آهن، ٽيلنٽ جومعيار بلڪل ختم ٿي چڪو آهي پرچي وارو سلسلو قائم آهي، غريب غريب تر ٿي ويو آهي، اميرن جا هوش هواس وڃائجي چڪا آهن، ميڊيا جو ڪم نشاندهي ڪرڻ آهي جيڪا اها ڪري آهي.

خدارا نوجوانن تي نظر وجهو روزگار جي فراهمي ميرٽ جي بنيادن تي ڪيو ترقياتي ڪمن ۾ سنجيده ٿي سنڌ کي پئرس بڻائڻ جي ڪوشش ڪريو، مفلسي، محتاجي، مايوسي نوجوانن مان جيئن نڪري وڃي . آڳتي هلي وڏي تبديلي ٿيندي، جيڪڏهن اهو ساڳيو تسلسل برقرا رهيو، وڌيڪ ڪهڙا مثال توهان کي ڏجن منهنجي حد جي ايم پي اي جا خود لفظ آهن ته مون کي انهن ستن سالن دوارن ڪجھه به ناهي مليو جيڪڏهن هڪ چونڊيل نمائندي کي ڪجھه نٿو ملي ته پوءِ هي سڀ فنڊس ڪنهن جي گهر وڃي رهيا آهن، نوڪريون ڪٿي آهن ترقياتي ڪم رولهڙي جو شڪار ڇو آهن، اهڙو وقت هلي رهيو آهي جو صحافي دوست وڏيون وڏيون نيوز هلائيندا رهن ٿا، ۽ سنڌ حڪومت جا انفارميشن وارو ادارو خود وڪامجي چڪو آهي، ته ڪهڙي اميد رکجي اقتدار تي ويٺل بي وس لاچار ۽ محتاج حڪمرانن تي بهتر اهو آهي ته وقت سر اسان جا حڪمران هاڻي ڪجھه ڪري ڏيکارين ۽ نوجوانن جو ٽيلنٽ ظاهر ڪري ڏيکارين ۽ معيار کي اجاگر ڪن نه ته مصر واري صورتحال اڳتي هلي پيدا ضرور ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

لاهور ۾ ٿيل بم ڌماڪو ۽ ڪجهه سوال

مصطفيٰ  جمالي لاهور شهر ڪالهه وري ٻري اٿيو، جڏهن، جڏهن لاهور جي علائقي فيروز پور …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي