24 سومر , جولاءِ 2017

چهري جو رنگ صاف ڪرڻ لاءِ گهريلو ٽوٽڪا

beautiڪراچي (ويب ڊيسڪ) گرميءَ جي موسم شروع ٿيندي ئي چهري جو رنگ سانورو ٿيڻ لڳندو آهي، جنهن سبب عورتون گهڻو پريشان رهنديون آهن ۽ چهرو صاف ڪرڻ لاءِ مختلف ڪريمون ۽ ٻين شين جو استعمال ڪنديون آهن پر اسان توهان کي ڪجهه اهڙا نسخا ٻڌائي رهيا آهيون، جن تي عمل ڪري توهان گهر ويٺي پنهنجو چهرو صاف ۽ چمڪندڙ بڻائي سگهو ٿا.

1: ڪچي پٽاٽي جي کَل لاهي ان کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو ۽ هڪ ٽڪرو کڻي چڱيءَ طرح پيسي ڪنهن ڪپڙي تي ڦهلائي چهري تي لڳائي ڇڏيو، اهو عمل رات جو سمهڻ وقت ئي ڪيو، رات ۾ ان جو عرق چهري ۾ جذب ٿي ويندو، پوءِ صبح اُٿي ڪپهه پاڻي ۾ ٻوڙي ان جي مدد سان چهرو صاف ڪيو ۽ مُنهن ڌوئي ڇڏيو.

2: گوگڙن ۽ گجرن کي پاڻي ۾ اُٻارڻ کانپوءِ پيسي سڄي چهري تي لڳايو ۽ اڍ ڪلاڪ تائين جذب ٿيڻ ڏيو، پوءِ کير ۾ مانيءَ جا ڳَڀا ٻوڙي انهن جي مدد سان چهري کي صاف ڪري ڇڏيو. ان سان توهان جي چهري جو رنگ ڀورو ٿي ويندو.

3: هڪ ليمي جي رَس ۽ هڪ چمچو زيتون جي تيل کي ٻاف ڏئي ان ۾ ڪپهه ٻوڙي چهري تي ليپ ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ خشڪ ڪپهه سان مَهٽيو، ان کانپوءِ ڪنهن صاف ڪپڙي ۾ برف جو ٽڪڙو رکي آهستي آهستي مالش ڪيو ۽ پوءِ مُنهن ڌوئي ڇڏيو. ان سان توهان جي چهري ۾ نکار ۽ چمڪ پيدا ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

 گرمين ۾ چهري جي حفاظت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گرمين ۾ چهري جي خوبصورتي متاثر ٿيڻ لڳندي آهي، تنهن ڪري ان …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي