23 آچر , سيپٽمبر 2018

سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سخت گرمي برقرار، پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ برسات

heatڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۽ بلوچستان جا ميداني علائقا سخت گرمي جي وَڪڙ ۾ آهن، جڏهن ته پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي. ملڪ ۾ هڪ پاسي برساتن جو سلسلو جاري آهي ته ٻاسي وري سج جي تپش ماڻهن جا حال هيڻا ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ جي مختلف شهرن ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ دادو ۾ سخت گرمي سبب ماڻهو پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته بلوچستان ۾ پڻ گرمي ماڻهن لاءِ لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن. هوڏانهن پنجاب جي شهرن گجرات، گوجرانوالا، ٽوبا ٽيڪ سنگهه، بهاول نگر ۽ منڊي بهاوءُ الدين سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ مينهن وسندو رهيو، جنهن تي موسم خوشگوار ٿي وئي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ اسلام آباد، فاٽا، گلگت بلتستان، مالا ڪنڊ، مردان، پشاور ۽ ٻين علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري رهندو، جڏهن ته ملڪ جي ٻين علائقن ۾ سخت گرمي رهندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے