22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نهال هاشمي جي ميمبر شپ معطل، سينيٽ ۽ پارٽي جي عهدن تان استعيفيٰ طلب

Nihalاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم نواز شريف سينيٽر نهال هاشمي کان استعيفيٰ گهري ورتي آهي، وٽش مسلم ليگ ن سنڌ جي سيڪريٽري جنرل جو عهدو آهي. رپورٽن موجب نهال هاشمي کي وزيراعظم هائوس به طلب ڪيو ويو آهي ۽ کيس پارٽي طرفان باقاعدي طور شوڪاز نوٽيس به جاري ڪيو ويو آهي. هوڏانهن سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب نهال هاشمي کان استعيفيٰ طلب ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته کانئس نه رڳو پارٽي جي عهدي تان استعيفيٰ گهري وئي آهي پر سينيٽر شپ تان به استعيفيٰ ڏيڻ جو چيو ويو آهي. نهال هاشمي کي پارٽي طرفان شوڪاز نوٽيس به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ کيس پارٽي رڪنيت تان معطل ڪري وضاحت لاءِ وزيراعظم هائوس طلب ڪيو ويو آهي ته هن ڪهڙي سوچ سان اهو بيان جاري ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ عورت عملي کي هيسائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ انتظامي آفيسرن طرفان عورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے