24 سومر , جولاءِ 2017

 گرمين ۾ چهري جي حفاظت

summerڪراچي (ويب ڊيسڪ) گرمين ۾ چهري جي خوبصورتي متاثر ٿيڻ لڳندي آهي، تنهن ڪري ان جي حفاظت ڪرڻ لازمي هوندي آهي، ضروري ناهي ته توهان ڪنهن به مسئلي جي حل لاءِ ڊاڪٽر يا ڪنهن بيوٽيشن ڏانهن وڃو پر اسان جي ٻڌايل ٽوٽڪن تي عمل ڪري توهان گهر ويٺي هر مسئلو حل ڪري سگهو ٿا.

1: گرمين ۾ چهري جي خوبصورتي ۽ نرمي برقرار رکڻ لاءِ پاڻي جو وڌ کان وڌ استعمال ڪيو. ان سان توهان جي چمڪ برقرار رهندي.

2: ٻه چمچا ليمي جي رَس، ٻه چمچا ڏهي ۽ هڪ چمچو ماکي کي گڏائي پيسٽ ٺاهي ڇڏيو، پوءِ ان کي چهري تي لڳائي 15 منٽن تائين ماسڪ کي سُڪڻ ڏيو. آخر ۾ ڪو صاف ڪپڙو کڻي ليمي جي رَس ۾ ٻوڙي ان سان ماسڪ لاهي ڇڏيو.

3: بيضي جي زردي، ٻه چمچا ڏهي ۽ هڪ چمچو ماکيءَ کي ڪنهن ٿانوَ ۾ وجهي چڱيءَ طرح گڏايو، جڏهن اهي ڪريم جي صورت اختيار ڪن ته پوءِ چهري تي لڳائي ڇڏيو. 20 منٽن کانپوءِ هلڪي گرم پاڻي سان مُنهن ڌوئي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چهري جو رنگ صاف ڪرڻ لاءِ گهريلو ٽوٽڪا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گرميءَ جي موسم شروع ٿيندي ئي چهري جو رنگ سانورو ٿيڻ لڳندو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي