23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

بصر جي استعمال سان وارَن جو ڪِرڻ بند

onionڪراچي (ويب ڊيسڪ) گهڻي قدر ماڻهو مٿي جا وارَ ڪِرڻ سبب پريشان رهندا آهن، جيتوڻيڪ روز 50 کان 100 وار ڪرڻ معمولي ڳالهه آهي پر گهڻا وارَ ڪرڻ سبب ماڻهو ڳڻتيءَ ۾ وٺجي ويندا آهن. هونئن ته ڪِرندڙ وارن کي مضبوط ڪرڻ جا ڪيترائي  ٽوٽڪا آهن، جيڪي وقتي طور فائدو ڏيندا آهن ۽ اڳتي هلي وارَن تي ناڪاري اثر ڇڏيندا آهن پر ڇا توهان کي خبر آهي ته کاڌي پيتي ۾ استعمال  ٿيندڙ بصر به وارَن جي صحت لاءِ ڏاڍي اهميت رکي ٿو. بصر نه رڳو توهان جي وارَن کي ڪِرڻ کان روڪي  ٿو پر ڪريل وارَن کي ٻيهر ڦُٽائڻ ۾ به مدد ڪري ٿو، جڏهن ته اهو وارَن تي ڪو ناڪاري اثر به نٿو ڇڏي. بصر ۾ سلفر وڏي مقدار ۾ موجود هوندو آهي، جيڪو وارن جي واڌ ويجهه ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو. توهان جوسر مشين ذريعي بصر جو جوس ڪڍي اهو مٿي تي لڳايو ته وارَ ڪرڻ بند ٿي ويندا يا وري 4 کان 5 ڪَٽيل بصر 10 منٽن تائين پاڻي ۾ اُٻاري اهو ٿڌو ٿيڻ کانپوءِ ڇاڻي ڇڏيو ۽ شيمپو کانپوءِ وارن تي استعمال ڪيو. جيڪڏهن توهان بصر جي بوءِ برداشت ڪري وڃو ٿا ته اهو ڀل سڄو ڏينهن توهان جي مٿي ۾ لڳل هجي، ان سان وارَن کي ڪو نقصان نه ٿيندو، جيڪڏهن بصر هڻڻ کانپوءِ توهان کي پريشاني محسوس ٿئي ته هڪ ڪلاڪ کانپوءِ صاف پاڻي سان مٿو ڌوئي ڇڏيو، ان سان نه رڳو توهان جا وارَ مضبوط ٿيندا پر ڪِريل وارَ ٻيهر به ڦُٽي پوندا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڇا توهان وارن جي واڌ ويجهه ۾ تيزي چاهيو ٿا؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڇا توهان پنهنجي وارن جي واڌ ويجهه ۾ تيزي چاهيو ٿا پر …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي