24 خميس , مئي 2018

اسپاٽ فڪسنگ ڪيس: ناصر جمشيد به پي سي بي ٽربيونل کي عدالت ۾ چئلينج ڪندو

06

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ معطل ڪرڪيٽر ناصر جمشيد به پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي ٽربيونل کي عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان کان پهريان ڪيس ۾ معطل ڪرڪيٽر خالد لطيف به پي سي بي جي اينٽي ڪرپشن يونٽ تي اعتراض اٿاري چڪو آهي ۽ ناصر جمشيد طرفان به ايئن ئي ڪرڻ کانپوءِ اسپاٽ فڪسنگ ڪيس جو معاملو وڌيڪ منجهڻ جو خدشو آهي. ناصر جمشيد نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته پي سي بي جي ٽربيونل ۾ انهن جا پنهنجن ئي ماڻهن تي مشتمل آهي، اهي ڪيئن بورڊ خلاف ڪو فيصلو ٻڌائي سگهن ٿا. ناصر جمشيد چيو ته اسپاٽ فڪسنگ جي تحقيق پاڪستان جي عدالتن ۾ هئڻ گهرجي جتي رانديگر ۽ پي سي بي جو وڪيل پيش ٿين. ان جو چوڻ هو ته پي سي بي جي تحقيق کان لڪي رهيو آهيان نه ڀڄي رهيو آهيان، سڀني الزامن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. ناصر جمشيد ٻڌايو ته پاسپورٽ نيشنل ڪرائم ايجنسي وٽ آهي، پهريا اهي تحقيق مڪمل ڪري وٺن پوءِ ان کي جتي به گهرايو ويندو هو ايندو. بڪي يوسف جي حوالي سان ناصر جمشيد جو چوڻ هو ته يوسف هن سميت پاڪستان ٽيم جي ڪيترن ئي رانديگرن جو دوست آهي، ان کي معلوم نه آهي ته يوسف بڪي به آهيا يا نه، ڪيترائي رانديگر ان سان ملندا رهيا ۽ کاڌو کائيندا رهيا، ڪنهن سان ڇا ڳالهه ٿي خبر ناهي، يوسف ڪو نئون دوست ناهي بلڪ سڀ کان پراڻو ساٿي آهي. ناصر جمشيد ڪنهن به ڊيل جي آڇ ٿيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪا ڊيل ٿي به ته انڪار ڪري ڇڏيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اي بي ڊي ويليئرز عالمي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمنٽ جو  اعلان  ڪري ڇڏيو

ڪيپ ٽائون(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا جي مشهور بيٽسمين اي بي ڊي ويليئيرز هر فارميٽ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے