21 جمعو , سيپٽمبر 2018

يمن ۾ جانورن جو رت پيئندڙ شخص گرفتار

462895-Dong-1456931982-745-640x480حديبيا (ع آ نيوز) يمن ۾ پوليس هڪ شخص کي گرفتار ڪيو آهي، جيڪو جانورن جو رت پيئندو هو، جڏهن هن کي گرفتار ڪيو ويو ان وقت به هو هڪ ننڍي ڪتي جو رت پي رهيو هو، يمن جي شهر حديبيا ۾ پاڙي وارن هڪ شخص تي الزام هنيو ته هو قتل ڪرڻ کان پهرين ڪتي ۽ ٻين جانورن جو رت پيئندو آهي، ڪجهه ماڻهن هن کي ڪتي جو ڊراءِ ڪولا قرار ڏنو آهي، جڏهن ته حديبينا پوليس جي ترجمان چيو ته هڪ پراڻي عمارت ۾ جڏهن پوليس داخل ٿي ته ان وقت پراسرار شخص ڪتي جو رت پي رهيو هو، پوليس کي ڏسي ڪري هن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پاڙي وارن جي مدد سان ان کي گرفتار ڪيو آهي، پوليس موجب هي شخص هن علائقي جو ناهي ۽ نه سمجهه ايندڙ ٻولي ڳالهائي رهيو آهي، اڃا تائين پوليس هن شخص خلاف ڪو به ڪيس داخل نه ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تائيوان ۾ اونڌو گهر، جنهن جو فرش مٿي، ڇت هيٺ ۽ هر شيءِ اونڌي آهي

تائپي (ع آ نيوز) تائيوان ۾ ٺاهيل اونڌو گهر سياحن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے