21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

حڪومت ڀلي پنجين بجيٽ پيش ڪري، مدو پورو نه ڪري سگهندي: لطيف کوسا

latif khosaڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل بريسٽر لطيف کوسا آهي ته حڪومت ڀلي پنجين بجيٽ پيش ڪري پر مدو پورو نه ڪري سگهندي.  عدالت ٻاهران ميڊسان ڳالهائيندي لطيف کوسا چيو ته عدالت ڊاڪٽر عاصم جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ جي درخواست تي ڌرين جا دليل مڪمل ڪري ورتا آهن، نيب ۽ ٻين  جو چوڻ آهي ته گهرو وزارت سان ڳالهايوگهرو وزارت نيب جي چوڻ تي اي سي ايل ۾ ڊاڪٽر عاصم جو نالو شامل ڪيو هو، ميڊيڪل رپورٽس جي اچڻ بعد ڊاڪٽر عاصم ٻاهرين ملڪ وڃي علاج ڪرائڻ جي  ضروري آهي. ٽي ڀيرا اڳ ۾ به ڊاڪٽرن کان اپوائنمنٽ وٺي چڪا آهيون، لطيف کوسا چيو ته  ڊاڪٽر چئي چڪا آهن ته سرجري نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڊاڪٽر عاصم جي زندگي کي خطرو ٿي سگهي ٿو، ڊاڪٽر عاصم جي رپورٽس ته ڪنهن به اداري کي اعتراض ناهي ڪيو . ن ليگ جي حڪومت ۾ پنجون بجٽ پيش ڪرڻ واري پڇيل سوال جي جواب ۾ لطيف کوسي چيو ته ن ليگ پنجون بجٽ پيش ته ڪري رهي آهي پر حڪومت جو پنج سالن وارو مدو پورو نه ڪري سگهندي، پيپلز پارٽي پنجن سالن ۾ آئين کي پاڪ ڪيو،  هنن چار سال اونداهي ۾ گذاريا آهن، اسان هڪ به ڪوڙو ڪيس ناهي ٺاهيو، اسان ميڊيا جو ڳلو ناهي دٻايو، اين ايف سي ايوارڊ سي پيڪ آصف علي زرداري ۽ پيپلز پارٽي جا پروجيڪٽ آهن.بريسٽر لطيف کوسا نواز شريف کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته هو هر جاءِ ته پنهنجو ڪتاب لڳائندا آهن، افتتاح ڪيل پروجيڪٽن جو افتتاح ڪندا آهن.هن چيو ته 2018 ۾  پيپلز پارٽي ڊرائيونگ سيٽ تي هوندي بجلي ۽ جوڊيشري ۽ افتخار چوڌري اسان جي پويان لڳا رهيا، حڪمرانن پنهنجن ذاتي مفادن ڪري ملڪ کي تباهي جي ڪناري ته وڃي پهچايو آهي، ماضي ۾ ته غير جمهوري طريقي سان هي حڪومت ختم ٿي هئي پر هن ڀيري هي حڪومت جمموري طريقي سان ويندي. جي آءِ ٽي تي اعتراض جو مطلب سپريم ڪورٽ تي اعتراض آهي، هي ماڻهون هاڻي ڇو رڙيون ڪري رهيا آهن ان وقت ڇو نه پيا رڙيون ڪن جڏهن يوسف رضا گيلاني کي گهر موڪليو ويو هو ، ان وقت ڇو نه روڊن تي آيا جڏهن ڪارا ڪوٽ پائي سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو ويو . لطيف کوسا چيو ته نواز شريف مني ٽرائل نه ئي ثابت ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي ٻڌائي سگهي ٿو ته نابالغ ٻار ڪئين کرب پتي بڻيا آف شيور ڪمپنيون ٺاهي پيسا ٻاهر کڻي وڃي رهيا آهيون ڪهڙا وزير اعظم آهيو. لطيف کوسا چيو ته نواز شريف کي آخري انجام تائين پهچايو ويندو ، ڇو ته هي عوام جو پيسو آهي نواز شريف 60 ڏينهن اندر عدالت جي ڪٺهڙي ۾ بيٺل هوندو

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

عام چونڊ 2018ع: بلوچستان جي 6 ضلعن ۾ انٽرنيٽ سروس معطل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عام چونڊ 2018ع جي سلسلي ۾ بلوچستان جي 6 ضلعن ۾ انٽرنيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے