19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڪنوار کي ميڪ اپ ڪرڻ جو طريقيڪار

Picture2

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪنوار کي ميڪ اپ ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان چهري جي ٿريڊنگ ڪريو، ٿريڊنگ ڪرڻ کانپوءِ چهري جو مساج ڪريو، جلد ان کان بغير خوبصورت نه لڳندي، ڳچيءَ تي به فائونڊيشن هڪ ئي ليول ۾ لڳايو ويندو آهي نه ته ان ۾ وڌيڪ بام هئڻ سبب ڌٻا نظر ايندا آهن. ڳچيءَ تي اڳيان لڳائڻ کانپوءِ فائونڊيشن ڳچيءَ جھي پوئين حصي ۽ ڪلهن تي به سٺي طرح لڳائي وٺو. ڳچيءَ کان مٿي ڪن تي به فائونڊيشن لڳايو ۽ ڪن پٺيان به ته جيئن سڀئي حصا هڪ جهڙا نظر اچن. هاڻي فائونڊيشن ڳلن تي لڳايو، ڳلن تي لڳائڻ وقت ان ڳالهه جو خيال رکيو ته هٿن کي هيٺان کان مٿين طرف کڻي اچو. هڪ ڳل تي لڳائڻ کانپوءِ اهڙي طرح ٻئي ڳل تي به لڳايو. ان کانپوءِ نڪ تي لڳايو ويندو. نڪ تي لڳائڻ وقت ان ڳالهه جو خيال رکو ته مساج هميشه ڪولڊ ڪريم جو ڪرڻ گهرجي. مساج ۽ هاٽ ٽُل ڪرڻ کانپوءِ چهري کي ٽشو پيپر سان چڱي طرح صاف ڪريو ان کانپوءِ چهري تي برف مليو. ڏهن منٽن تائين برف ملڻ کانپوءِ چهري کي پاڻي سان ڌوئي ان کانپوءِ ٽوال سان چهري کي چڱي طرح صاف ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽماٽو اسڪن ڪيئر لاءِ به بهترين ميوو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٽماٽو روز مرهه جي غذا جو اهم جز آهي ۽ کائڻ جي ذائقي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے