18 سومر , جون 2018

عوامي آواز |”بلوچستان واقعي کي سنڌ، بلوچستان ۽ سڄي پاڪستان جي سياست ۽ حالتن کان الڳ ڪري نه ٿو ڏسي سگهجي“پرگرام : اڄ جو سوال

” بلوچستان واقعي کي رڳو نسلي تناظر ۾ ڏسڻ ٺيڪ ناهي رڳو ائين چئجي ته بلوچستان ۾ رڳو سنڌي مارجن ٿا ائين ناهي، هن کان اڳ پنجابي ۽ سرائڪي پڻ قتل ٿي چڪا آهن“

” بلوچستان واصعو جيڪڏهن ٻي ايل اي ڪيو آهي ته ان جي مذمت ٿيڻ گهرجي ۽ سنڌ ۾ ان جو بائيڪٽ ٿيڻ گهرجي، بي ايل اي جي نسل پرستيءَ ڪري رد عمل ۾ اسان کي به نسل پرست ٿيڻ نه گهرجي“

” نسل پرستي ۽ قوم پرستيءَ ۾ وڌو فرق آهي“،

” ايم آرڊي تحريڪ کان وٺي، سنڌ ۾ ڪيئي واقعن ۾ ڪيترا.ي سنڌي ماريا ويا آهن، انهن متعلق ته سنڌ جي حڪمران پارٽي ڪجهه نه ڳالهايو آهي ۽ ٻي ڪنهن ڌر به هڪ به لفظ نه ڪچيو آهي“،

” بلوچ ڌرين اسان جا ماڻهو ماري نسل پرستيءَ جو ثبوت ڏئي پاڻ کي نقصان ڏنو آهي پر جي وري اسان انهن جي خلاف نسل پرستيءَ وارا عمل ڪيا ته اسان پاڻ کي وڌيڪ نقصان ڏينداسين“،

” اسان بلوچ نسل پرستيءَ وارين ڪاررواين کي اسان فقط تڏهن ئي جواب ڏئي سگهنداسين جڏهن سنڌ جي قومي سياست فڪري، سياسي ۽ نظرياتي طور تي مظبوط هوندي، اسان کي ان طرف سوچڻ گهرجي“،

” سنڌ ۾ پڻ ڪيتري ئي عرصي کان نسلي بنيادن تي سياست ٿيندي رهي آهي، چانڊين، کوسن ۽ جوڻيجن جون تنظيمون ٺهنديون رهيون آهن ۽ انهن کي سنڌ جا اديب ۽ دانشور سپورٽ ڪندا رهيا آهن“،

” سنڌ ۾ نسل پرستيءَ واري سياست کي پيپلز پارٽي به سپورٽ ڪندي رهي آهي، جيئي سنڌ جي نالي ۾ ڪم ڪندڙ قومپرست ڌريون به سپورٽ ڪنديون رهيون آهن، پهريان ته اسان کي پنهنجي سياست کي درست ڪرڻ گهرجي“

” نسل پرستيءَ جي رخ ۾ هلندڙ سڀ کان وڌيڪ پاڻ نقصان ڏين ٿا، تنهنڪري ضرورت ان گالهه جي آهي ته ان کي سياسي بنيادن تي ڏسجي“،

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kandhkot's crude operations in the region, inam golo recovery

نيوز: ڪنڌڪوٽ  جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن، انعام گولو بازياب

 ڪنڌڪوٽ پوليس 2 مهينا اڳ اغوا ٿي ويل  ڳوٺاڻي انعام گولي کي بازياب ڪرائڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے