” سنڌ جي قومپرستي روشن خيالي، ترقي پسندي ۽ سول سوسائٽيءَ طرف وڃي ٿي، سول سوسائٽي جا ماڻهو وسيع النظر ۽ ٻين جو خيال رکندڙ ٿيندا آهن، اهو فرض سنڌي ادا ڪيو آهي، جي بلوچن ادا نه ڪيو آهي ته اها سندن ڪوتاهي آهي“،
” سنڌ جي سياست، سياسي حوالي سان بلوچ سياست کان گهٽ ۾ گهٽ 50 سال اڳتي آهي“،
” بلوچ سياست جي موجوده پس منظر ۽ سنڌين جي مارجڻ واري صورتحال تي هڪ گول ميز ڪانفرنس سڏائڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ بلوچ قيادت کي به گڏ ويهارڻ جي ضرورت آهي، کين ان جو پابند بنائڻ جي ضرورت آهي ته هو رڳو سکڻا بيان نه ڏين پر ان ڏس ۾ عملي ڪردار به ادا ڪن“،
” بلوچ نسل پرستن هٿان سنڌين جي قتل ۽ زيادتين خلاف آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي سياسي حل ڪڍڻ جي ضرورت“
” دنيا ۾ مسئلن جو حل جنگاڻ سان ٿيڻو ئي ناهي“،