21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

عوامي آواز: سنڌ ۾لائيو اسٽاڪ انڊسٽري جي صورت اختيار نه ڪري سگهيو آهي : پروگرام انٽرويو| ميزبان اسد ممتاز رڏ

 ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان واحد ملڪ آهي، جتي جانورن جو سرڪاري علاج ٿئي ٿو، ٻاهرين ملڪن ۾ جانور رکندڙ ماڻهو پاڻ گهران خرچ ڪري علاج  ڪرائيندا آهن، سنڌ ۾ لائيو اسٽاڪ جو ادارو موجود آهي، سنڌ ۾تعلقي ۽ يونين سطح تي جانورن جي علاج لاءِ اسپتالون ۽ سينٽر موجود آهن، اهڙو اظهار برطانيا مان اينيمل پروڊڪشن تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر راشد پيرزادو عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام”انٽرويو“ ۾ ميزبان اسد ممتاز رڏ سان ڳالهائيندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ جانورن جي پاپوليشن پيج ڪروڙ تائين آهي، جنهن ۾ پالتو جانورن کي نه ٿو ڳڻيو وڃي، جڏهن ته سنڌ ۾ جانورن جي علاج جا ساڍا چار سئو سرڪاري ڊاڪٽر موجود آهن، هونئن ته لڳ ڀڳ اڍائي هزار ڊاڪٽر هوندا، جن مان گهڻن ئي کي سرڪاري نوڪري  نه آهي، يا مختلف خانگي ڪمپنين ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، هئڻ ته ائين گهرجي هڪ هزار جانور لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڊاڪٽر هجي، پر اسان وٽ هڪ لک جانور لاءِ هڪ ڊاڪٽر مَس آهي، ٻاهرين ملڪن ۾ وڪالت ۽ ميڊيسن ۾ داخلا نه  ٿيڻ بدقسمتي سمجھيو ويندو آهي، اسان وت اڃا تائين لائيو اسٽاڪ انڊسٽري جي صورت اختيار نه ڪري سگهيو آهي، هن شعبي ۾ به عطائي ڊاڪٽر ٻين شعبن جي عطائي ڊاڪٽرن جيترا خطرناڪ آهن، ٻاهرين ملڪن ۾ جانورن جي اسپتالن کي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ اٿارٽيون ٺهيل آهن، ڪلينڪ کولڻ لاءِ رجسٽريشن ڪرائڻ لازمي آهي، اسان وٽ ادارا ڪاغذن ۾ ته موجود آهن، پر فعال ڪو نه آهن، ٻاهرين ملڪن ۾ جانورن کي انسانن جيترا حق حاصل آهن، اسان وٽ جانورن جون دوائون به معياري ڪو نه آهن، ٻاهرين ملڪن ۾ جانورن جا انگ اکر موجود آهن، تعداد ڳڻيل آهي، هن چيو ته گهٽي ۾ گهمندڙ يا پالتو جانورن جون بيماريون انسانن کي به لڳي سگهن ٿيون، ڪتن ۽ ٻلن ۾ ڪجهه وائرل بيماريون ٿينديون آهن، ڪتن کي پڪڙي مارڻ غير مهذباڻو عمل آهي، اها ادارن جي ناڪامي آهي، ان مسئلي جو حل اهو آهي ته حڪومت ۽ سماج گڏجي ڪم ڪن، انهن جانورن جي وئڪسينيشن ڪري ٻچا ڄڻڻ جي صلاحيت ختم ڪري مسئلي کي حل ڪن، ناياب پکين ۽ جانورن جو شڪار ڪرڻ به مذمت جوڳو عمل آهي،  پالتو جانور آخري دم تائين بيوفائي ناهي ڪندو، ڪجهه ماڻهو ته ٻاهرين ملڪن ۾ جانورن کي نوڪري تي به ساڻ کڻي ويندا آهن، جانور ڪڏهن ڪڏهن مالڪ کي نه ڏسي اينگزائٽي جو شڪار ٿي ويندو آهي، مينهن، ٻڪري، رڍ ۾ ٿڻن جي بيماري يا وري منهن تي ڦڙا وغيره نڪرڻ جهڙيون بيماريون ٿين ٿيون. پکن کي ڊائبٽيز ٿيندي آهي، جانورن ۾ ڦڦڙن، بڪين جي بيماري ٿيندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi political parties to convince the public can vary: Riaz Lund

نيوز: ڪراچي : سياسي پارٽيون عوام کي پاڻ ڏانهن قائل نٿيون ڪري سگهن: رياض لنڊ

*قانوندان ڪامريڊ رياض لنڊ چيو آهي ته سياسي پارٽين جو  سياسي ۽ اقتصادي منشور ايترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے