23 ڇنڇر , جون 2018

عوامي آواز ٽي وي : بلوچستان ۾ سنڌي پورهيتن جي قتل تي عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام ”اڄ جو سوال“ ۾ ناميارو دانشور ۽ عوامي جمهوري پارٽيءَ جو سربراهه ايڊووڪيٽ امان الله شيخ خيالن جو اظهار ڪندي.

” دنيا ۾ هڪڙو ٿيندو آهي ” تشدد“ ۽ ٻيو ٿيندو آهي ” انقلاب“، انقلاب لاءِ ٿيندڙ جدوجهد جيڪڏهن مثبت نه هوندي آهي ته اها ” تشدد“ جي صورت اختيار ڪري ويندي آهي، هن وقت بلوچستان ۾ اهو ئي ٿي رهيو آهي“

” هن وقت بلوچستان ۾ جدوجهد جو رخُ ”پرتشدد“ آهي، جنهن کي هٿيارن سان ڪڏهن به ختم ڪري نه ٿو سگهجي پر بدقستيءَ سان هتي ” اسٽيٽ“ هر مسئلي کي هٿيارن جي قوت سان ختم ڪرڻ گهري ٿي، انهيءَ نموني بلوچستان جو مسئلو ڪڏهن به حل نه ٿيندو“،

” سنڌين جي قتل تي گول ميز قومي ڪانفرنس سڏائي قومي پاليسي جوڙي وڃي“،

” سنڌين جي قتل تي بلوچ قومپرست قيادت کي واضع موقف اختيار ڪرڻو پوندو“،

” ملڪ ۾ سماجي عدم مساوات ڪري مليٽنٽ پيدا ٿيا، دهشتگرد پيدا ٿيا ۽ مذهبي تحريڪون پيدا پيدا ٿيون، سنجيده سياسي ڪارڪنن کي انهن جي سببن تي وڌيڪ غور سان ڏسڻ جي ضرورت آهي“،

” بلوچ هميشه سنڌين کي ڪمتر سمجهندا آهن“،

هي به ڏسي سگهو ٿا

Hyderabad: The memorandum of Ahmed Kooja, a friend of the small kandel, Noor Ahmed Kooja

نيوز: حيدرآباد: ننڍي کنڊ جي ادب دوست شخصيت نور احمد کوجه جي ياد ۾ تقريب

حيدرآباد ۾ ننڍي کنڊ جي ادب دوست شخصيت نور احمد کوجه جي ياد ۾ تقريب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے