25 سومر , جون 2018

عوامي آواز ٽي وي : بلوچستان ۾ سنڌي پورهيتن جي قتل تي عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام ”اڄ جو سوال“ ۾ ناميارو دانشور ۽ عوامي جمهوري پارٽيءَ جو سربراهه ايڊووڪيٽ امان الله شيخ خيالن جو اظهار ڪندي.

” اسان جي قومپرست ۽ ترقي پسند سياست پڻ وڏي بحران جو شڪار آهي“،

” اسان جي قومپرست ۽ ترقي پسند سياست اندر پڻ نسل پرستيءَ جا جيوڙهه موجود آهن، جن ڪري اسان جي سياست محدود ٿيندي پئي وڃي“

” مان جڏهن ولي خان ۽ بزنجو وارن سان اين ڊي پي ۾ هيس ان وقت ولي خان به مون کي هڪ دفعي چيو هو ته اسان بزنجو سان هلي نه ٿا سگهون، تنهنڪري ان کي چئو ته ڌار ٿي وڃي“،

” سنڌي قومپرست سياست روشن خيال ۽ بلوچ قومپرست سياست نسل پرست آهي“،

” هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان مسئلن کي سنجيدگيءَ سان ڏسون، جوش ۽ جذبي سان مسئلن جو تجزيو ڪرڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا“،

” هن وقت تائين سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گهڻي کان گهڻا ماڻهو سنڌ ۽ سرائڪي علائقن جا شڪار ٿيا آهن“،

” هن وقت سنڌ ۽ بلوچستان جي صورتحال ” چئومکي“ صورتحال جهڙي آهي جنهن مان هر ڪو پنهنجو حصو حاصل ڪرڻ ٿو گهري“

” هن صورتحال ۾ ايجنسين جي ڪردار کي به نظر انداز ڪري نه ٿو سگهجي“،

” مليٽنٽ جدوجهد جو انت ڪڏهن به ڪنهن فتح تي نه پر شڪست تي ٿيندو آهي“،

هي به ڏسي سگهو ٿا

Badah: My motive is to serve poor after winning elections: Asma Abro

منجهند ٻه وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-06-25

*ادارن ۾ رابطن جو فقدان آهي، وزيراعظم بجلي ۽ پاڻي جي مسئلن کي پاڻ ڏسي:چيف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے