21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

عوامي آواز :بلوچستان ۾ سنڌي پورهيتن جي قتل تي عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام اڄ جو سوال ۾ جيئي سنڌ محاذ جو اڳواڻ خالق جوڻيجو اظهار خيال ڪندي

” بلوچ قومي تحريڪ  ۾ اهڙا عنصر موجود آهن جيڪي سنڌين کي سياسي ۽ نظرياتي طور تي ٽارگيٽ ڪندا رهيا آهن، فزيڪلي طور تي ڪجهه عنصرن هاڻي ٽارگيٽ ڪيو آهي“.

”بلوچ قومي قيادت جا ڪي اڳواڻ ته سنڌ جي سرزمين ۽ علائقن تي پنهنجي دعوي به ڪندا رهيا آهن، بلوچ قومپرست قيادت جو هڪ حلقو سنڌين کي بلوچن کان ڪم تر ۽ پنهنجو دشمن سمجهندو رهيو آهي“

” بلوچستان ۾ سنڌي پورهيتن جي قتل واري معاملي ۾ انهيءَ امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي ته ڪو بلوچن اهڙو قتل عام نه ڪيو هجي، ڇو جو بلوچ قومي حلقن ۾ اهڙا ”فيڪٽر“ موجود آهن جيڪي سنڌين کي پاڻ کان ڪم تر ۽ پنهنجو دشمن سمجهندا رهيا آهن“.

” ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته جيڪي ماڻهو رياست سان ويڙهه ۾ ڪامياب نه ٿا ٿين ته ”فرسٽريشن“ ۾ غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي ماري پنهنجي ڪاوڙ پوري ڪن ٿا“،

” اهو به ممڪن آهي ته رياست پنهنجي دور رس مفادن لاءِ سنڌين ۽ بلوچن جي ويجهڙائيءَ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هُجي، ڇو جو هن وقت رياست سنڌين ۽ بلوچن جي قومي وسيلن تي جي رهي آهي، ۽ سنڌي ۽ بلوچ پنهنجن وسيلن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن“

” رياست سنڌين ۽ بلوچن جي فطري اتحاد کي ختم ڪرڻ لاءِ اهڙا قتل ڪرايا هجن انهيءَ امڪان کي به رد ڪري نه ٿو سگهجي“،

” سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ نسلي طور تي بلوچ آهن ۽ اهي سنڌ جو حصو آهن، بلوچستان ۾ جيڪڏهن بي ايل اي سنڌين جو قتل ڪيو آهي ته بي ايل اي جي مذمت ٿيڻ گهرجي“،

” بلوچن ۽ سنڌين جي تاريخي لاڳاپن کي ذوالفقار علي ڀٽي جي پهرين حڪومت ۾ ڌڪ لڳو، جڏهن بلوچستان جي چونڊيل اسيمبلي ٽوڙي ان جاءِ تي پ پ جي حڪومت ٺاهي وئي جنهن جو اسيمبليءَ ۾ هڪڙو به ميمبر نه هو“،

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi political parties to convince the public can vary: Riaz Lund

نيوز: ڪراچي : سياسي پارٽيون عوام کي پاڻ ڏانهن قائل نٿيون ڪري سگهن: رياض لنڊ

*قانوندان ڪامريڊ رياض لنڊ چيو آهي ته سياسي پارٽين جو  سياسي ۽ اقتصادي منشور ايترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے