23 اڱارو , مئي 2017

سنڌ اسيمبلي جي قانونسازي بابت عوام کي ڄاڻ ڏيڻ جي گهرج

سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ موجود هر پارٽيءَ جي هر ميمبر پاران هر سطح تي سندن پگهارن، رعايتن ۽ گهرن جي ڪرائي تي بل منظور ڪرڻ عام حالتن ۾ اياڻن جو ڪم ٿو لڳي. پر، قانونسازي جي حوالي سان هر ميمبر کي ملندڙ اهي پگهارون، رعايتون ۽ الائونس  مناسب آهن، انهن جي هڪ به گهڙيءَ واسطي ڪنهن به مخالفت ڪرڻ بدران کين اها ڳالهه ڪري سگهجي ٿي ته انهن جي رعايتن کي ڪارڪردگي سان گڏ جوڙيو وڃي ته جيئن ان حوالي سان سنڌ اسيمبلي جا سمورا ميمبر پنهنجي فرض جي پورائي ڪري سگهن.

سنڌ اسيمبلي جي ايوان اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، وڏي وزير، اسيمبلي ميمبرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، وزيرن جيترو منصب رکندڙن جي پگهارن ۽ ا لائونسز ۾ 102سيڪڙو واڌ وارو سرڪاري بل 2017ع اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي، سليڪٽ ڪميٽي جي سفارشن بعد پيش ڪيل بل تحت ڪنهن حادثي ۾ وزير، صلاحڪار يا ايم پي ايز جي فوت ٿيڻ تي وارثن کي  50 لک رپيا ڏنا ويندا.

پارلياماني معاملن واري سينيئر وزير  نثار احمد کهڙي ايم پي ايز جي پگهارن ۽ الائونسز ۾ 110 سيڪڙو واڌ بابت سليڪٽ ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو، پيش ڪيل بل  ۾ ترميم آڻي وڏي وزير ، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، ۽ ايم پي ايز  سميت حڪومتي عملدارن لاءِ پهرين جولاءِ 2016 ع کان هن وقت تائين منظور ڪيل پگهار ۽ الائونس جي منطوري وٺي ڇڏي آهي. سليڪٽ ڪميٽي جي سفارشن موجب وڏي وزير جي پگهار 80 هزار مان وڌائي ڏيڍ لک رپيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هائوس رينٽ لاءِ 70 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح  وڏي وزير جي ماهوار  الائونس ملائي 13 لک 10 هزار رپيا مقرر ڪيا ويا آهن. اسپيڪر جي پگهار هڪ لک 44 هزار مان وڌائي مختلف الائونس سميت کيس 13 لک 80 هزار ماهوار ڏنا ويندا، ڊپٽي اسپيڪر کي پگهار ۽ الائونس جي مد ۾ هڪ لک 64 هزار رپين مان واڌ ڪندي 7 لک 19 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، ڊپٽي اسپيڪر کي گهر الائونس اڳ نه هو هاڻي کيس 55 هزار رپيا ماهوار گهر الائونس ڏنو ويندو، سنڌ اسيمبلي ۾ ٽوٽل 168 ميمبرن جي ماهوار 72 هزار مان وڌائي هڪ لک 60 هزار مقرر ڪئي وئي اهي، جڏهن ته مٿي ڄاڻايل الائونس ۽ پگهار کانسواءِ وڏي وزير، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، پارلياماني سيڪريٽري، صلاحڪارن، خاص مددگارن ۽ خاص معاون ۽ صوبائي وزير جو اسٽيٽس رکندڙ ن کي ٽريولنگ الائونس، ڊيلي الائونس، گهر جي مرمت لاءِ الائونس، يوٽيلٽي، ۽ ميڊيڪل الائونس پڻ ڌار ڏنو ويندو.

اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۽ مراعت ۾ واڌ بابت نثار کهڙو جي سربراهي ۾ جڙيل سليڪٽ ڪميٽي جنهن ۾ پيپلزپارٽي جي سڪندر مينڌرو، ناصر شاهه، متحده جي هير سوهو، پي ٽي آءِ جو ثمر علي خان ۽ فنڪشنل ليگ جي مهتاب اڪبر راشدي شامل هئا، سليڪٽ ڪميٽي ٽوٽل 4 گڏجاڻيون ڪيون، ۽ تجويز ڏني ته ميمبرن جي پگهار ۾ اضافو ڪيو وڃي، ميمبرن کي پينشن يا رٽائرمينٽ نه ٿي ملي، ٻين صوبن جي اسيمبلين جي ميمبرن جي پگهارن ۽ مراعت جو پڻ جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي پارلياماني اڳواڻ سيد سردار احمد اعتراض واريندي چيو ته وزيرن ۽ ميمبر  جي الائونس ۾ فرق نه هجڻ گهرجي، نثار کهڙي چيو ته ڪوشش ڪنداسين ته ميمبرن کي سهولتون ڏنيون وڃن، ايوان ۾ ايم ڪيو ايم جي صابر قائم خاني  بل ۾ ترميم پيش ڪئي ته پگهارن ۽ مراعتن ۾ واڌ پهرين جولاءِ 2016 کان لاڳو ڪئي وڃي. اهڙي ترميم کي پڻ يڪراءِ طور منظور ڪيو ويو.

عام حالتن ۾ عام ماڻهو اسيمبلي ميمبرن کي مفت ۾ ڪم ڪندڙ هڪ عام هاري ۽ راهڪ سمجهندا رهيا آهن، جنهن کي هر ڪم بنا معاوضي ۽ اجوري جي ڪرڻ گهرجي. اها عام سمجهه وڏي ۾ وڏي زيادتي آهي.  پر اها ”لوڪ ڏاهپ“ پنهنجي متن ۾ اها گهر به ڪندي رهي آهي ته اسيمبلي جا چونڊيل عيوضي هر معنا ۾ نه رڳو باعمل هجن پر سنڌ جي ترقي واسطي انهن جو هر عمل نظر به اچي.

اها ڳالهه رڳو حڪمران پيپلزپارٽي يا ان جي اڳوڻن اتحادين ايم ڪيو ايم، فنڪشنل ليگ، جتوئي گروپ  وغيره تي لاڳو نه ٿي ٿئي پر هر ميمبر تي ٿئي ٿي. سنڌ جا عوام انهن ميمبرن جي باري ۾ نيڪ خواهشون رکندي هر گهڙي انهن هٿان سنڌ لاءِ نيڪ خواهشون رکڻ جا تمنائي رهيا آهن. پر، انهن سمورين خواهشن تي پاڻي ڦيرجي وڃڻ کان پوءِ عوام جون خواهشون توڙي خيال اتي جو اتي بيهجي وڃن ٿا.

سنڌ جو عوام چاهي ٿو ته سنڌ اسيمبلي جا ميمبر پوريون پگهارون کڻن. کين، مڪمل الائونس به ملن ۽ اهي سڄي سنڌ جي خدمت به ڪن. اهي ميمبر نه رڳو اهل قانونساز هجن پر انهن جي اهليت سان سنڌ جي سماجي ترقي ۾ ٻرانگهون ڀرڻ جي اهليت پيدا ٿيڻ جا انومان به پيدا ٿين.

سنڌ اسيمبلي جا ميمبر چونڊيل عيوضي آهن، اهي 100 ڏينهن جو اجلاس به ڇنڇر آچر ملائي کنگهي کُرڪي پورا ڪن ٿا، انهن جي شاندار قانونسازي سنڌ جي ايوان ۾ بحث لاءِ ته پيش ٿي ٿئي، پر جنهن عوام جي ڀلائي واسطي اهي قانون سازيون ڪيون وڃن ٿيون انهن کي پنهنجي لاءِ تيار ٿيل قانونن ۽ انهن جي ثمر جي خبر نه ٿي پوي.

سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي گهرجي ته هڪ قدم انهن قانونسازين کي عوام جي ڄاڻ وڌائڻ لاءِ به وقف ڪن. جي اهو هڪ قدم طئي ٿي ويو ته پوءِ اهي پگهارون جائز ۽ مناسب آهن.

ڇنڇر 20 مئي 2017ع،  22 شعبان المعظم 1438 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي ۽ سرحدي ڇڪتاڻ

صاحب خان ڀٽي                          سنڌ اندر بک ۽ بدحالي سبب ماڻهو روزگار سانگي در بدر ڀٽڪي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي