20 جمعو , آڪٽوبر 2017

سنڌي پورهيتن جو قتل

ايڊووڪيٽ شبير جتوئي

بلوچستان ۾ سنڌين جو قتل سنڌ سرڪار ۽ بلوچستان لاءِ وڏو چيلينج آهي، سڀني سياسي ۽ قومپرست جماعتن کي هن عمل تي سوچڻ کپي، ان غير قانوني حرڪت تي آواز اٿارڻ کپي ته هنن سنڌين جو اصل قاتل ڪير آهي؟ ان قتل ۾ ڪنهن جا هٿ رڱيل آهن، اهي ڪير آهن جيڪي سنڌين ۽ بلوچن وچ ۾ نفرت پکيڙي رهيا آهن. سنڌ جي حڪومت کي به هن مئسلي تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ کپي پر پ پ پ حڪومت ان مئسلي تي ڳالهائڻ کان به قاصر آهي ۽ هي ائين پيا سمجهن ته هنن مزدورن جو سنڌ ڌرتيءَ سان ڪو به واسطو ناهي ۽ هي ڪنهن ٻئي صوبي سان واسطو رکندا هيا. لڳي ائين ٿو ته هنن جي مٿي ۾ جونءَ ڪو نه ٿي چري اڪثر سنڌ صوبي جي ماڻهن مٿان تشدد ٿئي پيو انهن کي ننڌڻڪو ڪري بيگناهه تشدد ڪري ٽارگيٽ ڪري ماريو وڃي ٿو انهيءَ مئسلي کي اسيمبليءَ ۾ آڻي بحث ڪري ڪنهن نتيجي تي پهچائڻ کپي.

هي مسئلو بلوچ قومپرستن لاءِ به چيلنج آهي هو به پنهنجو ڪردار ادا ڪن، هن مئسلي تي سڀني قومپرست جماعتن کي به سوچڻ گهرجي ۽ بلوچستان سرڪار کي هنن مزدورن لاءِ عملي قدم کڻي قاتلن جا راز فاش ڪري اصلي قاتلن کي وائکو ڪرڻ کپي.

تاريخي طور تي سنڌين ۽ بلوچن جو قومپرست جدوجهد جي حوالي سان پاڻ ۾ ڳٺ جوڙ رهيو آهي. قومپرست جدوجهد ۽ سياسي تحريڪ هميشه هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، هي جيڪو واقعو بلوچستان ۾ پيش آيو آهي اهو انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو آهي. هي هڪ ملي ڀڳت قومپرست جماعت ۽ بلوچ سياسي سماجي ورڪرن لاءِ هڪ سازش نظر اچي رهي آهي. جيڪا ٻنهي ڌرين کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪرڻ لاءِ آهي، جيئن ٻنهي ڌرين وچ ۾ سياسي لچڪ پيدا ڪري بلوچ ۽ سنڌين وچ ۾ نفرت پکيڙي جيئن ٻئي ڌريون پاڻ ۾ منظم نه ٿي سگهن، انهيءَ مان اهو صاف نظر پيو اچي ته ڪا ٽين قوت آهي جيڪا ان مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿي.

عام طرح چوڻي آهي ته نانگ مري ۽ لٺ به بچي وڃي، هي به ساڳيو مثال آهي، جيئن ته اها ٽين قوت ايتري ته مضبوط آهي جيڪا ٻنهي ڌرين کي اٽڪائڻ ۾ رڌل آهي ۽ انهن جي وچ ۾ اختلاف پيدا ڪرائي پنهنجي فائدي لاءِ ڍونگ رچائي خونريزي ڪرائڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهي آهي. بلوچ ۽ سنڌي قومپرستن ۽ سماجي ورڪرن لاءِ هي وڏو چيليئنج آهي، ٻنهي ڌرين کي سوچي سمجهي ڪم ڪرڻو پوندو. انهيءَ سان گڏ پ پ پ ۽ بلوچستان حڪومت کي هن مئسلي تي ويهي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو ته ان گندي حرڪت ۽ نسل پرستيءَ واري جنگ مان ڪيئن جان ڇڏائجي.

ٻنهي ڌرين کي هڪٻئي تي اعتماد ڪندي عملي طور تي ڪجهه ڪري ڏيکارڻو پوندو الائي ڇو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته پ پ پ حڪومت سنڌي ماڻهن کان لاتعلقي جو اظهار ڪري رهي آهي ۽ ائين پيو محسوس ٿئي ته ڄڻ هي ماڻهو سنڌ جا نه آهن يا ڪنهن ٻئي صوبي جا آهن ڪورد عمل يا احتجاج سامهون نه آيو آهي يا بلوچستان حڪومت آڏو ڪو وڏو مزاحمتي عمل ڪيو وڃي ته آخر سنڌي ماڻهن سان ايڏيون وڏيون زيادتيون ڇو ٿي رهيون آهن ۽ سنڌي ماڻهن کي ائين بي گناهه ماري ڦٽو ڪيو وڃي ٿو. ڇا سنڌي ماڻهن جو ڪو به حق ناهي ته هو پاڪستان جي ٻئي ڪنهن صوبي ۾ وڃي مزدوري ڪري سگهن ۽ پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پالين ۽ پنهنجي ٻارن جو ۽ پنهنجو انگ ڍڪين ۽ بک مٽائڻ بدلي انهن کي ماريو وڃي اهو ڪٿان جو انصاف آهي.

اڀي تڪ پائون سي چمٽي هين زنجيرين غلامي ڪي

دن آ جاتا هي آزادي ڪا

آزادي نهين ملتي

اس شهر مين مزدور جيسا دربدر ڪوئي نهين

جس ني سب ڪي گهر بڻائين

اسي اپنا ڪوئي گهر نهين

سنڌ حڪومت جي آخر ڪهڙي ڪمزوري آهي جو اها پنهنجي ماڻهن لاءِ نه ٿي ڳالهائي سگهي، اقتدار ۾ هجڻ باوجود پنهنجو پاڻ کي لڪائڻ ۾ پوري آهي، هنن اسيمبليءَ ۾ صرف فاتح پڙهڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪم ڪو نه ڪيو آهي ۽ آواز ڪو نه اٿاريو اٿائون ته اسان سنڌين کي ڇو ٽارگيٽ ڪري ماريو ٿو وڃي؟  ڇا سنڌي ماڻهون ٻئي درجي جا شهري آهن جو انهن کي گولين جو کاڄ بڻايو پيو وڃي.

پيپلز پارٽي جيڪا سنڌ جي وڏي ۾ وڏي جماعت آهي، سنڌين کان ووٽ وٺي اسيمبلن ۾ ويهن ٿا اهي اسيمبلي ۾ پهچڻ کانپوءِ سنڌي جي مئسلن کان ڄڻ واقف ئي ناهن، پ پ پ جو چيئرمين زرداري صاحب پيشاور وڃي APS جي شهيدن تي ته ڳوڙها ڳاڙي ڊرامو ڪري ٿو پر هن سنڌ جي شهيدن تي هڪڙو بيان به ڪو نه ڏنو، پشاور ۾ پڪ اٿن ته ووٽ به ڪو نه ملندو پر پوءِ به هن ڪوڙا ڳوڙها ڳاڙيان من ڪجهه ووٽ ملن، پر سڄي سنڌ هنن کي ووٽ ڏنا آهن هنن جو ڪم رڳو سنڌ جا پيسا ڪرپشن ڪري هڙپ ڪرڻا آهن.

ڇا عمران خان کي به هي سنڌي ماڻهن جا لاش نظر ڪو نه آيا جيڪو نئين پاڪستان ۾ نئين نظام جي ڳالهه پيو ڪري، انهيءَ کان ٻين PTI جي سنڌي ليڊرن کان اهو نه ٿيو جو هنن شهيدن لاءِ ڪجهه ٻه اکر چون يا همدري ظاهر ڪن. آخر سنڌين کي نسل پرستيءَ واري جنگ ۾ ڇو پيو ڌڪيو وڃي سڀني سياسي جماعتن جو لڳي ائين ٿو ته ڪو به واسطو ناهي انهيءَ جي ڪري سنڌي ماڻهن کي ئي حل ڪڍڻو پوندو ته ڪيئن اسان پاڻ بچايو ۽ پنهنجي نمائندگي پاڻ ڪرڻ سکون.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

فلسفي جي ڪهاڻي

وقار راهمون فلسفو يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ علم يا ڏاهپ سان …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي